| پيٽروليم شين ۾ واڌ پگهاردار طبقي تي معاشي بم آهي: ايپڪا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آل پاڪستان ڪلارڪس ايسوسيئيشن (ايپڪا) پاران پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پيٽروليم شين ۾ واڌ غريب عوام ۽ پگهاردار طبقي تي معاشي بم آهي. حڪومت فوري طور قيمتن ۾ واڌ واپس وٺي ۽ عوام کي سبسڊي ڏئي. ايپڪا جي اڳواڻ چوڌري مبشر احمد چيو ته مهانگائي ملازمن جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. پراڻا الائونس ناڪافي آهن، ملازم بدترين معاشي مسئلن جو شڪار آهن. ايپڪا راجا آفتاب احمد چيو ته پيٽروليم قيمتن ۾ اضافي سبب ضروري شين جون قيمتن ۾ اضافو وڌي رهيو آهي، پگهارن ۽ پينشن ۾ فوري اضافو ڪيو وڃي. شهزاد ڪياني چيو ته پنجاب حڪومت ننڍن ملازمن کي نظرانداز ڪري رهي آهي، وفاقي طرز تي ڊي آر اي ۽ ٻين الائونسز ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي. ايپڪا مرزا توقير چيو ته ليو انڪيشمينٽ 2023 ۽ پينشن ترميمون 2024 واپس ورتيون وڃن. مفت تيل ۽ بجلي جون سهولتون آفيسرن ۽ نمائندن کان واپس ورتيون وڃن. برابر سڌارن کانسواءِ عوام کي رليف ممڪن ناهي.