| پيٽروليم شيون مناسب مقدار ۾ موجود آهن. موٽرسائيڪل ۽ رڪشا وارا رجسٽريشن ڪرائين: وزيراعظم |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پيٽروليم شيون مناسب مقدار ۾ موجود آهن. موٽرسائيڪلن ۽ رڪشائن وارا رجسٽريشن ڪرائين. تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن، گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرز شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل اختيارين کي صوبائي حڪومتن سان رابطا تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ بچت مهم جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي موٽرسائيڪل سوارن ۽ رڪشا هلائيندڙن لاءِ تجويز ڪيل فيول سپورٽ پروگرام لاءِ تيار ڪيل اپيپ تي به بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته حڪومتي فيصلن سبب پئٽروليم شيون ملڪي ضرورتن لاءِ مناسب مقدار ۾ موجود آهن، موجودا صورتحال ۾ عوامي رليف کي پهرين ترجيح ڏني، جيترو ممڪن ٿي سگهيو، گذريل ٽن هفتن ۾ عوام کي رليف ڏنو، تيل جي وڌندڙ قيمتن کي روڪڻ لاءِ وفاقي حڪومت 125 ارب رپين جون ڪٽوتيون ڪيون ته جيئن عوام عالمي سطح تي ڇڪتاڻ جي سڌي ريت اثرن کان محفوظ رهي، صوبائي حڪومتون موٽرسائيڪلن ۽ رڪشا مالڪن جي رجسٽريشن پنهنجي نالي تي ڪرائڻ لاءِ سهولتون فراهم ڪن، سڄي ملڪ ۾ موٽرسائيڪلن ۽ رڪشن جي ڊيٽا ڊجيٽائيز ڪئي وڃي،