پيٽروليم ليوي بابت آءِ  ايم ايف سان ڳالهائڻ جو فيصلو: مالي ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ لا جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي پيش نظر ملڪ تي مالي ۽ معاشي اثرن کان بچاءَ لاءِ جامع لائحه عمل. بابت اجلاس منقعد ٿيو. وزير اعظم چيو ته دنيا جا ڪيترائي ملڪ موجوده صورتحال جي نظر ۾ ضروري شين جي طلب ۽ رسد جو توازن برقرار رکڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، پاڪستان هن مشڪل صورتحال کي ڪاميابي ۽ مؤثر طريقي سان سنڀالي رهيو آهي، سڀني ادارن ضروري شين جي طلب ۽ رسد ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کان بچاءَ لاءِ مؤثر ۽ بروقت قدم کنيا آهن، جيڪي ساراهه جوڳا آهن، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ خوراڪ ۽ ضروري شين جي ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ بعد اضافي مقدار کي برآمد ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تي اڳڀرائي جاري آهي، حڪومت ملڪ جي معاشي استحڪام، ترقي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سمورا ضروري قدم عزم سان جاري رکندي، عالمي منڊي ۾ قيمتن ۾ واڌ جي رجحان سبب ملڪ تي مالي ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ وچولي ۽ ڊگهي مدي واري جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارا گڏيل تعاون سان معيشت جي سڀني شعبن جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ حڪم عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عالمي ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ پيداوار جي لاڳت وڌڻ سبب برآمدات ۽ مجموعي پيداوار تي اثر گهٽائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا وڃن. زرعي ۽ صنعتي پيداوار تي موجوده معاشي صورتحال جي اثرن کي روڪڻ لاءِ موجود وسيلن ۽ موقعن جو مڪمل استعمال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته سڀني لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن وزيراعظم جي هدايت موجب روزاني بنياد تي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير منصوبابندي احسن اقبال، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير پاور ڊويزن سردار اويس احمد خان لغاري، وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙ، وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ، وفاقي وزير نيشنل فوڊ سيڪيورٽي رانا تنوير، وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيمه، وزيراعظم جي معاون خاص هارون اختر، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر جمیل احمد ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي۔
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آءِ ايم ايف جو ٽيڪس هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام. مسلسل ٽين ٽه ماهي به ايف بي آر ٽيڪس هدف حاصل نه ڪري سگهيو. ذريعن مطابق ايف بي آر کي 9 مهينن ۾ 610 ارب رپين جي وڏي ٽيڪس کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جولاءِ کان مارچ تائين ايف بي آر 9300 ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪري سگهيو، جولاءِ کان مارچ لاءِ ٽيڪس هدف 9915 ارب مقرر ڪيو ويو هو، صرف مارچ جي مهيني ۾ ٽيڪس هدف کان 185 ارب رپيا گهٽ وصولي ٿي، ذريعن مطابق مارچ ۾ ٽيڪس هدف 1367 ارب، وصوليون 1182 ارب رهيون. وچ اوڀر ۾ جنگ سبب مارچ ۾ 100 ارب رپين جي آمدني جو نقصان ٿيو. زريعن مطابق آبنائي هرمز جي بندش سبب درآمدي ٽيڪس وصولين کي وڏو ڌڪ لڳو، فرٽيلائيزر سيڪٽر مان گيس بحران سبب 35 ارب رپيا گهٽ ٽيڪس وصول ٿيو، حڪومت کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پيٽروليم ليوي جي شرح به اضافو ڪيو ويو. ترقياتي خرچ گهٽائي بجيٽ سرپلس حاصل ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام تحت ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن، آءِ ايم ايف 1.2 ارب ڊالر جي ايندڙ قسط لاءِ به مشروط رضامندي ظاهر ڪئي، آءِ ايم ايف قسط لاءِ عدالتي ڪيسن مان وصولين سان شرط لاڳو ڪيو،ايف بي آر هن وقت تائين عدالتي ڪيسن مان 290 ارب رپيا وصول ڪيا، درآمدي مرحلي تي ٽيڪس وصولين ۾ رڳو 3 سيڪڙو اضافو ٿيو.