| پيٽروليم ليوي بعد ڪسٽم ڊيوٽي به ورڇ جوڳي پول مان ڪڍڻ جون تياريون: اين ايف سي ايوارڊ لاءِ 8 ڪاميٽيون قائم |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽروليم ليوي بعد ڪسٽم ڊيوٽي کي به ورڇ جوڳي پول مان ڪڍڻ جون تياريون ڪري ورتيون، يارهين اين ايف سي ايوارڊ لاءِ اهم معاملن تي 8 الڳ الڳ ڪميٽيون قائم ڪيون ويون. ذريعن موجب پنجاب جي ناڻي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو صوبن جي دائري اختيار ۾ ايندڙ معاملن بابت وفاقي خرچن جي شيئرنگ تي سفارشون تيار ڪندو. مرڪز، صوبن وچ ۾ وسيلن جي ورڇ طئي ڪرڻ لاءِ بلوچستان جي ناڻي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ قومي قرضن جي جوڙجڪ ۽ انهن جي استعمال بابت به هڪ الڳ ورڪنگ گروپ قائم ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڪي پي جي ناڻي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ ٽيڪس جي ڊي پي ۾ بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪندو. سنڌ جي ناڻي وزير جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ وسيلن جي سڌي ريت صوبن ڏانهن منتقلي جون سفارشون جوڙڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، ستون ورڪنگ گروپ اڳوڻي فاٽا جي انضمام ۽ اين ايف سي حصي بابت سفارشون تيار ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ هڪ ورڪنگ گروپ ورڇ جوڳي پول جي جوڙجڪ ۽ ڪجهه ٽيڪسن کي پول ۾ شامل يا خارج ڪرڻ بابت تجويزون تيار ڪندو. ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڪسٽم ٽيڪس کي پول مان ڪڍڻ چاهي ٿي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪي پي جي صلاحڪار مزمل اسلم صوبي جي حدن ۽ آبادي ۾ واڌ جي بنياد تي حصي ۾ 4 سيڪڙو تائين اضافي تي زور ڏنو آهي. هن توانائي سميت غلط پاليسي کي وفاقي بجيٽ خساري جو سبب قرار ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ گيس ۽ پاور سيڪٽر ۾ لڳ ڀڳ 50 کرب رپين جو گردشي قرض ۽ چيني پاور پلانٽن کي 51 کرب رپين کان وڌيڪ ادائيگيون ڪيون ويون. ذريعن موجب اين ايف سي جي اجلاس ۾ سنڌ خرچن بابت ڪنهن به گروپ جي قيام کي اين ايف سي جي مينڊيٽ جي ابتڙ قرار ڏنو هو، ان ڪري سنڌ حڪومت خرچن جي شيئرنگ لاءِ قائم ڪيل گروپ بابت قانوني وضاحت طلب ڪري سگهي ٿي. ٻئي طرف معاشيات جي ماهر ڊاڪٽر حفيظ پاشا دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ورڇ جوڳي پول جي نئين حد بندي بعد صوبن جو حصو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 45.8 سيڪڙو مان به گهٽجي ويندو. سندس چوڻ هو ته آئين ۾ مقرر 57.5 سيڪڙو ورڇ جوڳي پول جي حد جي ابتڙ گذريل مالي سال پيٽروليم ليوي ۽ فاضل ڪيش جي ايڊجسٽمينٽ بعد صوبن کي رڳو 45.8 سيڪڙو حصو مليو، ڇاڪاڻ ته پيٽروليم ليوي ورڇ جوڳي پول جو حصو ناهي.