| پيٽروليم ليوي ڇو؟ جماعت اسلامي پاران اسلام آباد مارچ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي ڌرڻا ۽ جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چتاء ڏنو آھي ته جيڪڏهن سندن چارٽر آف ڊمانڊ تي عمل نه ڪيو ويو ته اسلام آباد ڏانهن مارچ جو سڏ ڏنو ويندو۔ ڪراچي ۾ گورنر ھائوس آڏو رات دير سان ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مريم نواز جو جهاز 11 ارب رپين جو آهي، جڏهن ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نواز شريف جنهن جهاز ۾ لنڊن ويو هو، اهو ان کان به وڌيڪ مهانگو هو. هن چيو ته سڄو نظام ڪرپٽ ۽ نااهل آهي، جنهن جو سمورو بار عوام تي وڌو وڃي ٿو. حڪمران ٻڌي ڇڏين ته ڌرڻا به جاري رهندا ۽ جدوجهد به جاري رهندي. حڪومت پاران ڳالهين جي خواهش ظاهر ڪرڻ تي اسان حڪومتي ڪاميٽي کي عزت ڏني ۽ پنهنجون تجويزون به پيش ڪيون آهن.جماعت اسلامي مڪمل تياري سان حڪومتي ڪاميٽي آڏو پنهنجو پروپوزل پيش ڪيو آهي، جيڪي رڳو هوائي ڳالهيون نه پر حقيقتن سان لاڳاپيل آهن. حڪومتي ڪميٽي چيو آهي ته ٽن ڏينهن کانپوءِ جواب ڏينداسين. پيٽروليم ليوي به ختم ڪرڻي پوندي ۽ ٽيڪس به ختم ڪرڻو پوندو.ھن وڌيڪ چيو ته اسان چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪنداسين، جڏهن ته ڪارڪن ماڻهن وٽ ويندا ۽ 5 ڪروڙ ماڻهن جو منظرنامو ٽرڪن ذريعي اسلام آباد کڻي وينداسين.