پيٽروليم ڊيلرز پاران ڇنڇر کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

پيٽروليم ڊيلرز پاران ڇنڇر کان پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گڊز ٽرانسپورٽرز کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز جو به پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان. چيئرمين پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن ملڪ خدا بخش چيو آهي ته 15 آگسٽ صبح 6 وڳي کان غيرمعينه مدت تائين پيٽرول پمپ بند ڪيا ويندا. پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو فيصلو سڄي ملڪ جي ڊيلرز جي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويو.اسان جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو آهي، 14 هزار ميمبرن جو اسان تي دٻاءُ آهي. جيستائين مطالبا پورا نه ٿيندا، تيستائين پيٽرول پمپ نه کولينداسين.