| پيٽرول اگهن ۾ واڌ رد: پيٽروليم ليوي جو تيل جي عالمي اگهن سان ڪوبه واسطو ناهي: اپوزيشن اتحاد |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گذريل هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي باوجود حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هي اضافو بنيادي طور پيٽروليم ليوي ٽيڪس جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن جو عالمي تيل جي اگهن سان ڪو به واسطو ناهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان هن اضافي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام سان ٿيندڙ ناانصافي آهي ۽ تنظيم عوام سان گڏ بيٺل آهي. ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ 61 سيڪڙو اضافو ڪري چڪي آهي. ساڳئي عرصي دوران سريلنڪا۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 38 سيڪڙو، بنگلاديش ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو. جڏهن ته انڊيا ۾ قيمتون برقرار رکيون ويون آهن. پاڪستان ۾ پيٽرول جي اگهن ۾ غير معمولي واڌ حڪومت جي نااهلي، ناڪامي ۽ ڪرپشن جو کليل ثبوت قرار ڏنو ويو آهي۔ اهڙي اضافي سبب ڪيترن ئي موقعن تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ آئل ريفائنريز کي عوام مان غيرمعمولي منافعو ڪمائڻ جو موقعو مليو آهي. پيٽرول جي قيمتن ۾ هن وڏي واڌ سبب ٽرانسپورٽ خرچن، کاڌ خوراڪ جي شين جي قيمتن ۽ مجموعي مهانگائي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جو چوڻ آهي ته اهڙا فيصلا معاشي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪندا، وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي لڪير کان هيٺ ڌڪيندا ۽ بيروزگاري ۾ واڌ جو سبب بڻجندا۔ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ احتجاجي مظاهرن جي سلسليوار مهم جو اعلان ڪيو ويندو.