قمبر( رپورٽر) ستل عوام کي جاڳائڻ لاءِ نڪتا آهيون، قمبر ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف پورهيتن جو دهل وڄائي احتجاج ڪيو ويو
جناح باغ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي ۽ دهل وڄائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو
ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن سڪندر جهنڊيل، خالد مارفاڻي، قادر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سرڪار طرفان پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ بعد کاڌي پيتي جي سمورين شين جي اگهن ۾ دڪاندارن واڌ ڪري ڇڏي آھي
هنن چيو ته مهانگائي سبب 5سئو رپيا ڏهاڙي ڪمائيندڙ پورهيت رکي ماني کائڻ کان به محروم بڻجي ويو آھي
هنن چيو ته دهل وڄائي احتجاج ڪرڻ جو مقصد ستل عوام کي جاڳائڻ آھي، بکن وگهي مرڻ ۽ خودڪشيون ڪرڻ کان بهتر آھي ته روڊن رستن تي نڪري ظالم حڪمرانن، ڪامورن ڀوتارن ۽ سردارن جو گهيراءُ ڪيو
هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ پاڪستان جي آرمي چيف کي اپيل ڪئي ته ظالم ۽ ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن جون ملڪيتون ضبط ڪري مهانگائي گهٽائي وڃي