| پيٽرول اگهن ۾ واڌ نامنظور: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا: سجاول، دڙو، چوهڙ، جاتي، جهوڪ ۽ ٿاڻو بولاخان ۾ هڙتال |
ڪراچي(نمائندن وٽان) پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سجاول ميرپور بٺورو، چوهڙ جمالي، جاتي، دڙو، جهوڪ شريف ۽ ٿاڻو بولاخان ۾ شٽربند هڙتال، ڪراچي، ملير، نوشهرو فيروز، موري، قاضي احمد، سڪرنڊ، ٽنڊي آدم، شاهپور چاڪر،جمال شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا ويا. تفصيل موجب ڪراچي ۾ تين تلوار ۽ ملير ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا ڪارڪن گڏ ٿي ويا، حڪومت خلاف سخت نعري بازي، حيدرآباد ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، لاڙڪاڻي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، وطن دوست مزدور فيڊريشن، رڪشا ليبر يونين،پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان پريس ڪلب اڳيان ڌار ڌار مظاهرا ڪيا ويا،سکر ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ريلي ڪڍي گهنٽا گهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته جيڪب آباد، فيض گنج، بهرام، ڳڙهي خيرو، نصيرآباد، رتوديرو، باڊهه، ٺل، ڪشمور، نئون ديرو، ميان صاحب، شڪارپور، سجاول جوڻيجو، ڪنب، ميرپورماٿيلو، خيرپور، گمبٽ ۾ به ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.، ٺٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان، نوشهرو فيروز، مٽياري ۽ دادو ۾ قومي عوامي تحري، جسقم. ايس يو پي ۽ ٻين تنظيمن پاران ڌرڻا هنيا ويا، سجاول ۾ شهرين ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، چوهڙ جمالي، جهوڪ شريف، جاتي، دڙو ۽ ثاڻو بولاخان ۾ به مڪمل هڙتال ڪئي وئي. جاتي ۾ سوين شهرين حسيني چوڪ کان لينڊواه چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، ، ميرپور بٺورو ۾ به شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي وئي، بهرام ڀرسان حاڪم شاهه باءِ پاس وٽ ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. نصيرآباد ۾ عورتون توا کڻي روڊن تي نڪري آيون، کاڻوٺ ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، خيرپور ۾ وڪيلن احتجاج ڪري وفاقي حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. جيڪب آباد ۾ شهرين سائيڪلن تي چڙهي احتجاج ڪيو، ٽنڊوباگو، ٽنڊو غلام علي، گلاب لغاري، جهڏو، شيخ ڀرڪيو، ڍورونارو ۽ ڪنري ۾ ريليون ڪڍيون ويون، ڪنب، ميرپورماٿيلو، دوڙ،سڪرنڊ، پڪاچانگ پيروسڻ، باڊهه ۽ سن ۾ به ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، واهي پانڌي، نئون ڳوٺ، سجاول جوڻيجو، ڳڙهي خيرو، شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ شاهپور چاڪر ۾ به مظاهرا ڪيا ويا. نئون دمبالو، ڪنري، پٿورو، ڪلوئي، ڪڙيو گهنور، جوهي، گولاڙچي ۾ به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڀٽ شاهه ۾ ڊرائيورن گاڏيون بيهاري احتجاجي مظاهرو ڪيو . ڪلوئي شھر ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڪڙيوگهنور ۾ پي ٽي آءِ، قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو عوامي ايڪشن ڪاميٽي ٽنڊوغلام علي جي سڏ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. گولاڙچي ۾ مهانگائي خلاف مرزا گروپ، ايس يو پي، آل پاڪستان مري اتحاد، ٽرانسپورٽ اتحاد پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ٻه ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. گلاب لغاري شهر ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، پاڪستان ٽريڊ يونين، سنڌ ترقي پسند پارٽي سميت مقامي آبادگارن ۽ ھارين احتجاج ڪيو. ٽنڊوباگو ۾ شهرين پاران تيل جون قيمتون وڌائڻ خلاف توا کڻي احتجاج ڪيو ويو، سول سوسائيٽي ۽ رڪشا ايسوسيئشن جي سڏ تي مظاهرا ڪيا ويا.