پيٽرول اگهه ساڳيا: ليوي ۾ اضافو، عوام رليف کان رهجي ويو

پيٽرول اگهه ساڳيا: ليوي ۾ اضافو، عوام رليف کان رهجي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم ليوي ۾ اضافو ڪري عوام کي مڪمل رليف کان محروم ڪري ڇڏيو. دستاويزن مطابق پيٽروليم مصنوعات تي ليوي 4 رپيا 65 پيسا في ليٽر تائين وڌائي وئي آهي. پيٽرول تي في ليٽر 4 رپيا 65 پيسا ليوي اضافو ڪيو ويو آهي. ڊيزل تي ليوي ۾ 80 پيسا في ليٽر، پيٽرول تي في ليٽر ليوي 79 رپيا 62 پيسا مان اضافو ڪري 84 رپيا 27 پيسا ۽ ڊيزل تي في ليٽر ليوي 75 رپيا 41 پيسا مان وڌائي 76 رپيا 21 پيسا ڪئي وئي آهي. دستاويزن مطابق جيڪڏهن پيٽروليم ليوي برقرار رکي وڃي ها ته پيٽرول 4 رپيا 65 پيسا في ليٽر سستو ٿئي سگهي پيو، ليوي برقرار رکڻ سان ڊيزل 80 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻو هيو. اهڙي ريت گاسليٽ تي پيٽروليم ليوي 1 رپيو 41 پيسا في ليٽر وڌائي وئي آهي، جنهن بعد مٽي جي تيل تي ليوي 18 رپيا 95 پيسا مان وڌائي 20 رپيا 36 پيسا في ليٽر ڪئي وئي آهي. لائيٽ ڊيزل آئل تي ليوي جي شرح 15 رپيا 84 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.