| پيٽرول بعد گيهه ۽ کاڄرو تيل مهانگو ٿيڻ جو خطرو |
اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ گيهه ۽ کاڄرو تيل جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. بناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب گيهه ۽ کاڄرو تيل جي اگهن ۾ 100 کان 150 رپيا في ڪلو تائين واڌ ٿي سگهي ٿي. ايڊوائيزر پي وي ايم اي موجب پيٽروليم شين جي مهانگائي سبب ملن جي لاڳت وڌي وئي آهي، ٽرانسپورٽ ۽ پيداوار جي خرچن ۾ به وڏو واڌارو ٿيو آهي. پي وي ايم اي وڌيڪ چيو ته حڪومت فوري طور پينل قائم ڪري ته جيئن قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ حل ڳولي سگهجي.