پيٽرول تان 80 رپيا ليوي گهٽ، قيمت 378 رپيا ليٽر مقرر: ڪابينا 6 مهينا پگهار نه وٺندي: وزيراعظم

پيٽرول تان 80 رپيا ليوي گهٽ، قيمت 378 رپيا ليٽر مقرر: ڪابينا 6 مهينا پگهار نه وٺندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽرول تان 80 رپيا ليوي گهٽائڻ ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻن مهينن مان وڌائي 6 مهينن تائين پگهار نه وٺڻ جو اعلان ڪيو. گذريل رات پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم چيو ته پوري خطي ۾ تيل جون قيمتون آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، هوش اڏائيندڙ اضافو ٿي چڪو آهي، مهانگائي طاقتور معيشتن جي به چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، يقينن پاڪستان به بري طرح سان متاثر ٿي رهيو آهي، هن چيو ته قومي وسيلا محدود آهن، ڪيترائي ڀيرا عوام تي تيل اگهن جو بار وجهڻ مناسب نه سمجهيو، قومي خزاني مان 129 ارب خرچ ڪري عوام کي رليف ڏنو آهي، وزيراعظم چيو ته دعا آهي ته جنگ جلد ختم ٿئي، خطي ۾ امن ٿئي، هن چيو ته قومي مشاورت بعد گذريل ڏينهن اعلان ڪيا ويا هئا، ايوان صدر ۾ ٿيل مشاورت ۾ فيلڊ مارشل، وڏا وزير، وزير ۽ آئون به موجود هيس.هن عوام کي رليف بابت چيو ته موٽرسائيڪل سوارن کي هڪ ليٽر تي سبسڊي ڏني ويندي، گڊز ٽرانسپور ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ مال بردار گاڏين کي هڪ مهيني تائين سئو رپيا في ليٽر سبسڊي ڏني ويندي، ننڍي ٽرڪن کي 70 هزار، وڏي ٽرڪن کي 80 هزار، عوامي سفر جي بسن کي هڪ لک رپيا ماهوار سبسڊي ڏني ويندي، ته جيئن ڀاڙن جو بار عوام تي بار نه پوي، آبادگارن لاءِ 1500 رپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، ريلوي لاءِ اڪنامي ڪلاس ۾ مسافرن لاءِ ڀاڙو نه وڌايو ويندو، اميد آهي ته ان سان عوام کي فائدو ٿيندو، وزيراعظم چيو ته جيستائين زندگي معمول تي نٿي اچي، پوري جان ان ڪم تي لڳائي ڇڏيندس ته عوام کي رليف ملي، وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن واري 137 رپين جي واڌ کانپوءِ 458 رپيا پيٽرول قيمت ٿي وئي، ان قيمت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پيٽرول جي ليوي ۾ فوري طور 80 رپيا گهٽتائي جو اعلان ڪيان ٿو، رات 12 وڳي کان پيٽرول جي قيمت 458 مان گهٽ ٿي ويندي ۽ 378 رپيا في لٽر ملندو، اها لاٿ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهيني لاءِ پوري پاڪستان ۾ لاڳو هوندي، وزيراعظم وفاقي ڪابينا پاران 6 مهينن تائين پگهارون نه وٺڻ جو به اعلان ڪيو.