پيٽرول جي اصل قيمت 200 رپيا لٽر هجڻ جو انڪشاف،ٽيڪس گڏائي 240 ٿئي ٿي

جُون 18, 2023

لاهور (م ڊ) ملڪ ۾ پيٽرول جي اصل قيمت 200 رپيا لٽر کان به گهٽ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

 جڏهن ته سڀ ٽيڪس ملائي پيٽرول جو اگهه 240 رپيا في لٽر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن ڪري عوام رليف کان وانجھيل آهي

 ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب 16 جون تي في لٽر پيٽرول جي اگهه ۾ 22 رپيا لاٿ ڪئي وئي هئي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت عوام کي تيل اگهن جي مد ۾ وڏي رليف کان محروم رکيو آهي

 دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حڪومت هن وقت في لٽر پيٽرول تي مختلف ٽيڪسز ۽ مارجنز جي مد ۾ 86 رپيا عوام جي کيسن مان ڪڍي رهي آهي، يعنيٰ پيٽرل جو اصل اگهه 200 رپين کان به گهٽ ٿئي ٿو

 پيٽرول تي هن وقت 50 رپيا في لٽر ليوي، 6 رپيا او ايم سي مارجن، 7 رپيا ڊيلر مارجن ۽ 3.6 رپيا فريٽ ريٽ لاڳو آهي جڏهن ته تيل اگهن تي 18 کان 22 رپيا ڪسٽم ڊيوٽي به ادا ڪئي وئي

 ذريعن موجب عالمي ۽ مقامي ٽيڪسز کانپوءِ عوام کي 22 رپيا رليف ملي سگهي ٿو جيڪو منتقل نه ڪيو ويو

Leave A Comment