پيٽرول سستو ٿي چڪو، هاڻ سرڪاري ادارا مهانگائي گهٽ ڪرائن: وزيراعظم

آڪٽوبر 16, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وزير اعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 وزير اعظم کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ لاٿ آڻڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي

 نگران وزير اعظم وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل اختيارين کي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ لاءِ سخت طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي

وزير اعظم سمورن وڏن وزيرن لاءِ چيو آهي ته هو قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام تائين پهچائڻ جي ڪوششن جي نگراني ڪن

Leave A Comment