پيٽرول في لٽر 2 رپيا ۽ ڊيزل 4 رپيا 79 پيسا سستو

پيٽرول في لٽر 2 رپيا ۽ ڊيزل 4 رپيا 79 پيسا سستو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ 2 روپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 4 روپيا 79 پيسا گهٽتائي ڪري ڇڏي وفاقي حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاء پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آھي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 2 روپيا گهٽتائي ڪري پيٽرول جي في ليٽر جي قيمت 265 روپيا 45 پيسن مان گهٽتائي نئي قيمت 263 روپيا 45 پيسا مقرر ڪئي آھي ائين هاء اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمتن ۾ 4 روپيا 79 پيسن جي گهٽتائي ڪري هاء اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر جي نئي قيمت 279 روپيا 65 پيسا مقرر ڪئي آھي نيون قيمتون پهرين ڊسمبر کان لاڳو تصور ٿينديون