| پيٽرول هڪ رپيو 70 پيسا سستو ۽ ڊيزل هڪ رپيو 39 پيسا مهانگو |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽرول هڪ رپيو 70 پيسا ۽ ڊيزل هڪ رپيو 39 پيسا مهانگو ڪري ڇڏيو. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت لاٿ بعد پيٽرول جي نئين قيمت 325 رپيا 92 پيسا ۽ واڌ بعد ڊيزل جي نئين قيمت 382 رپيا 25 پيسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي تائين لاڳو هونديون.