اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو آهي،
ناڻي وزير اسحاق ڊار پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪندي چيو ته پيٽرول في لٽر 8 رپيا سستو ڪيو ويو آهي جنهن بعد نئين قيمت 262 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي،
هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا لاٿ ڪري نئين قيمت 253 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل به 5 رپيا قيمت گهٽائي 147 رپيا 68 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي
جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 164 رپيا 70پئسا برقرار رکي وئي آهي، نيون قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪيون آهن ۽ اهي 15 جون تائين هونديون. جڏهن ته نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.