پيٽرول پمپ بند نه ٿيندا، ڊيلرز ٻن ڏينهن لاءِ سڏ واپس وٺي ڇڏيو

جُولاءِ 21, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) پيٽرول ڊيلرز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون عارضي طور ڪامياب ٿي ويون آهن

 ۽ پيٽرول پمپ جي مالڪن هڙتال جو ڏنل سڏ ٻن ڏينهن لاءِ واپس وٺي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب پيٽروليم بابت وفاقي وزير مصدق ملڪ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين سندن مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي

 وفاقي زوير جي خاطري تي پيٽرول پمپ مالڪن هڙتال عارضي طور ٻن ڏينهن لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسئيشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وفاقي وزير جي چوڻ تي هڙتال جو سڏ ٻن ڏينهن لاءِ واپس وٺي رهيا آهيون

 ٻن ڏينهن کان پوءِ وري ڳالهيون ٿينديون ۽ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڙتال مڪمل ختم ڪري ڇڏينداسين

Leave A Comment