| پيٽرول پمپ جي اجازت ڇو ڏني ؟ ڊي سي اوڀر کان پڇاڻو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ڊپٽي ڪمشنر اوڀر پاران غير قانوني پيٽرول پمپ ٺاهڻ جي اجازت ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر، اوگرا ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا, درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قانون موجب پيٽرول پمپن وچ ۾ مفاصلو ڏهه ڪلو ميٽر کان گهٽ نه هجڻ گهرجي، ڊپٽي ڪمشنر اوڀر اسڪيم 33 ۾ پيٽرول پمپ کان 6 ڪلو ميٽر پري هڪ نئون پيٽرول پمپ ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي، هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کي غير قانوني پيٽرول پمپ ٺاهڻ جي اجازت روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ياد رهي ته درخواست عائشه سروس اسٽيشن پاران داخل ڪئي وئي آهي