پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ واڌ قبولڻ جوڳي ناهي: حافظ نعيم

پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ واڌ قبولڻ جوڳي ناهي: حافظ نعيم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي متعلق جماعت اسلام جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ليوي ۽ ناجائز ٽيڪس ختم ڪرڻ بدران پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، هي واڌ وچولي ۽ غريب طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندي، ساڳي وقت صنعتن ۽ ڪاروبار کي به تباهه ڪندي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان وڌيڪ چيو ته مهانگي بجلي ۽ گيس سبب اڳ ئي هر شيءِ جي قيمت ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پيو وڃي، جيڪو ناقابل قبول آهي. حڪومت فوري طور پيٽروليم ليوي ختم ڪري ۽ قيمتن ۾ واڌ واپس وٺي.