| پيٽرول ۽ ڊيزل لاڳيتو ٽئين ڏينهن به مهانگا: نوٽيفڪيشن جاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل لاڳيتو ٽئين ڏينهن به مهانگا ڪيا ويا، پيٽروليم ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. جنهن موجب ڊيزل 2 رپيا 42 پيسا ۽ پيٽرول هڪ رپيو 9 پيسا في لٽر مهانگو ٿي ويو، پيٽرول جي نئين قيمت 336 رپيا 15 پيسا ۽ ڊيزل جو نئون اگهه 394 رپيا 4 پيسا في لٽر مقرر ڪيو ويو. نيون قيمتون اڄ رات 12 وڳي تائين جاري رهنديون.