پيٽرول ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

جُولاءِ 6, 2024

پيٽرول ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڪمپنين پاران پاڪستان ۾ ايندڙ ٽن سالن دوران 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان

ڪمپنين پاران اهڙو اعلان وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات دوران ڪيو ويو، پيٽروليم ۽ گئس جي ڳولا ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي ڪمپنيز پاران وزيراعظم جي قيادت تي اعتماد جو اظهار

پي ايم آفيس جي پڌرائي موجب ڪمپنيز جي وفد چيو ته هن شعبي تي ڌيان ڏيندڙ پهريان وزيراعظم آهيو، ٽن سالن دوران 5 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ گئس جي ڳولا لاءِ 240 هنڌن تي کوٽائي ڪئي ويندي

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  پاڪستان ۾ مقامي سطح تي پيٽرول ۽ گئس جي ڳولا اسان جي پهرين ترجيح آهي، پاڪستان تيل ۽ گئس جي درآمد تي هر سال اربين ڊالر خرچ ڪري ٿو

مقامي ذخيرن جي پيداوار سان پاڪستان جو مٽا سٽا وارو قيمتي ناڻو بچي پوندو ۽ عام ماڻهو لاءِ گئس ۽ ٻارڻ سستو ٿي ويندو

وزيراعظم واڳيل شعبي جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي سربراهيءَ ۾ سيڪريٽريز ۽ ماهرن جي هڪ ڪميٽي به قائم ڪري ڇڏي

ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير، گورنر اسٽيٽ بينڪ ۽ ٻيون اختياريون به شريڪ ٿيون

Leave A Comment