پيٽرول 12 ۽ ڊيزل 135 رپيا سستو: نار ۾ هاڻ جنگ نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن: وزيراعظم

پيٽرول 12 ۽ ڊيزل 135 رپيا سستو: نار ۾ هاڻ جنگ نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف تيل اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو، قوم کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو طوفان آيو هو ته مون تيل قيمتن ۾ لاٿ جو واعدو ڪيو هو، عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ ڪجهه لاٿ ٿي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 135 في لٽر لاٿ ڪري رهيا آهيون، اگهه 520 مان گهٽ ٿي 350 رپيا في لٽر ٿي ويندو، ان سان زرعي شعبي ۾ آساني پيدا ٿيندي، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي خرچن ۾ به لاٿ ٿيندي، وزيراعظم چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 80 رپين کانپوءِ هاڻ وڌيڪ 12 رپيا لاٿ ڪري رهيا آهيون، قيمت 378 مان گهٽ ٿي 366 رپيا لٽر ٿي ويندي، اهي قيمتون رات 12 وڳي کان لاڳو ٿي چڪيون آهن، وزيراعظم چيو ته موٽرسائيڪل ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي سبسڊي برقرار رهندي، جڏهن ته تيل اگهن ۾لاٿ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته نار ۾ هاڻي جنگ نه پر امن جون ڳالهيون ٿي رهيون آهي، اهي ڌريون جيڪي ڪالهه تائين آمهون سامهون هيون ۽ خطي تباهي جو منطر هو، اڄ الحمدالله ٻئي ڌريون ڳالهين ذريعي معاملا طئي ڪرڻ تي راضي ٿي چڪيون آهن، اهڙي اڳڀرائي تي برادر ملڪ ايران ۽ آمريڪا جي قيادت جا ٿورا مڃان ٿو، جن منهنجي تجويز قبول ڪندي نه صرف عارضي جنگبندي تي اتفاق ڪيو پر منهنجي پرخلوص دعوت تي ٻنهي جا وفد اسلام آباد اچي رهيا آهن جتي امن لاءِ ڳالهيون ٿينديون، هن چيو ته پاڪستان کي ميزباني جو جيڪو شرف عطا ٿيو آهي، اهو پاڪستان لاءِ نه پر پوري عالم اسلام لاءِ فخر جوڳو آهي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ سندس ٽيم کي ڪوششن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ سندس ٽيم کي به ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، فيلڊ مارشل جنگ جي باهه وسائڻ ۽ ڌرين کي ڳالهين لاءِ راضي ۾ وڏو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو.