پيٽرول 4 رپيا 40 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 62 پيسا في لٽر مهانگا

پيٽرول 4 رپيا 40 پيسا ۽ ڊيزل 3 رپيا 62 پيسا في لٽر مهانگا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽروليم ڊويزن اڄ رات 12 وڳي تائين پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 40 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 331 رپيا 52 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 3 رپيا 62 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا 66 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. حڪومت گذريل ڏينهن به ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا 83 پئسا جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 39 پئسا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪيو هو