پيٽرو ڊالر جو زوال ۽ نئين عالمي حڪمراني

                 اڄ جي عالمي سياست ۾، عالمي طاقت جو توازن (Global Balance of Power) هڪ تاريخي موڙ تي بيٺل آهي. آمريڪا، جيڪو ڏهاڪن کان عالمي دهشت جي علامت ۽ پيٽرو ڊالر نظام ذريعي معاشي بالادستي قائم رکندو آيو آهي، هاڻ اندروني سياسي مونجهارن (جيئن ٽرمپ جي جارحاڻين پاليسين) ۽ عالمي سطح تي سخت ترين چئلينجز جو شڪار آهي. واشنگٽن جي ”پيٽرو ڊالر پاليسي“ ۽ اڀرندڙ ملڪن تي ٽيرف جي دهشت هڪ نئين دور جي شروعات جو سبب بڻي آهي. عالمي سطح تي، روس، چين، ايران، سعودي عرب ۽ ڀارت جهڙا خطي جا اهم ملڪ هاڻ هڪ نئين عالمي سوچ سان اڳتي وڌي رهيا آهن. اهي ملڪ BRICS، SCO (شنگهائي سهڪاري تنظيم)، ۽ بيلٽ اينڊ روڊ فورم جهڙن پليٽ فارمن ذريعي ”Multipolar Order“ (گھڻ-قطبي نظام) جي گڏيل ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن نئين جهد جو بنيادي مقصد آهي عالمي واپار مان ڊالر جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ، جيڪو قرضن ۾ ٻڏل آمريڪا لاءِ نه صرف اقتصادي پر سفارتي طور تي به وڏو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته گلوبل سائوٿ جا ملڪ هاڻ واشنگٽن جي دٻاءَ بدران بيجنگ طرف وڌي رهيا آهن. هي سڀئي قوتون ڊي-ڊالرائيزيشن، ڊيجيٽل ڪرنسي، ۽ قرض ڄار واري سفارتڪاري تي گڏجي ڪم ڪري آمريڪي بالادستي کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي حڪمراني جي نئين ورهاست جو تاثر ڏئي رهيون آهن.

صدر ٽرمپ پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي ”پيٽرو ڊالر“ پاليسي ۾ تبديل ڪري مختلف ملڪن کي ڌمڪين ذريعي زير ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ خطي جي ملڪن هڪ نئين عالمي سوچ سان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو آهي. اڄ جي بين الاقوامي سياست ۾ چين جي ڪوششن سان ٿيل عالمي ڪانفرنسون جهڙوڪ برڪس، بيلت اينڊ روڊ فورم ۽ شنگهائي سهڪاري تنظيم عالمي طاقت جي نئين ورهاست جو تاثر به ڏئي رهيون آهن. اصل ۾ اهي عالمي سطح تي Multipolar Order”“ جي ڪڙي آهن. خاص طور تي برڪس جي توسيع ۽ ڊالر جي متبادل ڪرنسي جي حوالي سان شروع ٿيل بحث آمريڪي اقتصادي هڪ هٽي کي سڌي ريت چئلينج ڪري رهيو آهي. واشنگٽن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو اهو آهي ته عالمي واپار ۾ ڊالر جو استعمال گهٽ ٿي ويندو. ۽ ان سان قرضن ۾ ٻڏل آمريڪا لاءِ پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي ويندو. ان ڪري آمريڪا پنهنجي (نيٽو ۽ جي ـ سيون) ذريعي چين جي اثر کي گهٽائڻ لاءِ پوري دنيا ۾ ٽيرف جي نئين جنگ شروع ڪري ڇڏي آهي. پر گلوبل سائوٿ جا ڪيترا ملڪ واشنگٽن بجاءِ بيجنگ ڏانهن وڃي رهيا آهن. ان سڄي صورتحال ۾ يورپ ٻنهي طرفن کان ڦاٿو پيو آهي.

پيٽرو ڊالر پاليسي ڇا آهي؟

پيٽرو ڊالر اهو نظام آهي، جنهن تحت عالمي سطح تي تيل جو واپار آمريڪي ڊالر ۾ ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري پوري دنيا جي ملڪن کي پنهنجي ڪرنسي ڊالر ۾ رکڻي پوندي آهي. آمريڪا سڀ کان پهرين 1970ع ۾ سعودي عرب سان اهو معاهدو ڪيو هو ته هو جيڪو به تيل وڪرو ڪندو، اهو ڊالر ۾ ٿيندو. ان جي بدلي آمريڪا سعودي عرب کي فوجي ۽ ٻئي مالي امداد ڏيندو. ان بعد واشنگٽن ٻين عرب ملڪن سان اهڙا ٺاهه ڪري سڀني کي پنهنجي مرضي سان هلائڻ لڳو، ان سان آمريڪي ڊالر جي اهميت وڌي وئي. بعد ۾ آمريڪا پاڪستان ۽ ٻين ڏکڻ ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن کي به عالمي مالياتي ادارن مان قرض به ڊالر جي صورت ۾ ڏيڻ ۽ وٺڻ شروع ڪيو. هن وقت برڪس ۽ شنگهائي تنظيم ان نظام کي ٽوڙڻ شروع ڪيو آهي.چين جي برڪس ۽ شنگهائي سهڪاري تنظيم دنيا جي 42 سيڪڙو آبادي ۽ 65 سيڪڙو يورو ايشيائي ملڪن تي مشتمل آهي، جيڪي آمريڪا لاء سڌو خطرو بڻجي ويا آهن. هن وقت برڪس ۾ سعودي عرب، ايران ۽ گڏيل عرب امارتون به شامل ٿي ويون آهن. ان تي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسي ۽ پيٽرو ڊالر سسٽم سڌو سئون چئلينج بڻجي ويو آهي. برڪس ۾ خليجي ملڪن جي شامل ٿيڻ سان آمريڪا کي اسٽريٽجڪ ڌڪ لڳو آهي. ايران تي پابندين سبب انهن هو ڪاروبار دنيا جي ٻين ملڪن جي ڪرنسي ۾ هلي رهيو آهي پر سعودي عرب هاڻ اک پٽي واضح ڪيو آهي ته هو پيٽرول جو واپار چيني يووان، سميت روسي، ايراني ۽ دنيا جي ٻين ڪرنسين ۾ ڪندو. جنهن تي آمريڪا سعودي عرب ۽ عرب امارات کي پڪ ڪرائي آهي ته ڊالر کي رهڻ ڏيو ته اوهان جي اسرائيل کان سيڪيورٽي ضمانت ڪرائيندس. اوهان کي جيترو فوجي سامان ۽ هٿيار کپن سي به ڏيندس. پر انهن ملڪن هاڻ ڊالر کي خدا حافظ چئي ڇڏيو آهي. جنهن ڪري آمريڪا سميت اسرائيل به سخت پريشان ٿي ويو آهي.

ٽيرف پرڏيهي پاليسي

دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ ڊالر کي بچائڻ لاءِ ڏکڻ ايشيا جي ملڪن تي جيڪا سخت ٽيرف پاليسي مڙهي آهي، ان جا نتيجا به اونڌا اچڻ شروع ٿيا آهن. واشنگٽن برڪس ۾ ڏار وجهڻ لاءِ هندستان، پاڪستان ۽ ٻين ملڪن لاءِ ڌار ڌار پلان جوڙيا آهن. انڊيا کي چين جي سامهون ڪرڻ لاءِ ان سان 10 سالن جو دفاعي معاهدو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آمريڪا هندستان کي چين کان ڌار ڪرڻ لاءِ کيس ”انڊو ـ پيسفڪ اقتصادي فريم ورڪ“ ۾ شامل ڪيو آهي، جيئن انڊيا ايشيائي سپلاءِ چين ۾ مضبوط ٿئي ۽ هو چين کان ڌار ٿي وڃي. اهو نظام به ڊالر کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ جوڙيو ويو آهي. جڏهن ته ڪرٽيڪل ايند ايمرجنگ ٽيڪنالاجي ( سيمي ڪنٽڪٽرز، A1,، دفاعي پيداوار“ واري ٺاهه ۾ مهينو اڳ ئي شامل ڪري چڪو آهي. پاڪستان کي چين جي سيپيڪ کان ڌار ڪرڻ لاءِ ان جي تيل ذخيرا ڪڍڻ ۾ مدد ۽ فوجي امداد ڏيڻ جا واعدا شروع ڪيا آهن. مالياتي معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته آمريڪا هن وقت ٻن بنيادي مفادن جي دفاع جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هڪ علائقائي سلامتي، ٻيو عالمي اقتصادي بالادستي شامل آهن. آمريڪا عرب ملڪن تي ڊي ڊالرائيزيشن جي پاليسي کي سست ڪرڻ يا ان کان پري رهڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. آمريڪا NDB سان واپار ڪندڙ ملڪن کي به پابندين جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي. جيڪي ملڪ تيل جو ڪاروبار ڊالر ۾ ناهن ڪندا، انهن تي آء ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ ذريعي سخت پابنديون لاڳو ڪرائي انهن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي. عرب امارات هندستان، ايران، روس ۽ چين سان پهرين کان ئي انهن جي ئي ڪرنسي ۾ ڪاروبار شروع ڪري آمريڪا لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري ڇڏيا آهن.

ڊالر جو مستقبل:

ڊالر کي دنيا جي ريزرو ڪرنسي ۽ واپاري ڪرنسي جو درجو حاصل آهي. جنهن جو سبب صرف تيل نه پر هي چار سبب به آهن. آمريڪي مالياتي مارڪيٽ (جنهن کي آمريڪي ٽريزري بانڊز) دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ سڀ کان وڌيڪ ليڪويڊ ۽ محفوظ مارڪيٽ آهي، مرڪزي بينڪن وٽ ڊالرز ۾ اربين رقم جا باندز موجود آهن، جن مان تڪڙي جان ڇڏائڻ ممڪن ناهي. آمريڪا هر ملڪ سان فوجي معاهدا به ڊالرن ۾ ئي ڪندو آهي. سوئيفٽ نظام ذريعي بينڪن جي ڏي وٺ جي نظام کي به ڪنٽرول ڪيو ويندو آهي. ان نظام تحت ئي مختلف ملڪن تي پابنديون لڳايون وينديون آهن. دنيا جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ جو عالمي واپار ۽ تقريبن 60 سيڪڙي کان وڌيڪ غير ملڪي مٽا سٽا جا ذخيرا اڄ به ڊالرز ۾ ئي رکيا ويندا آهن. ان ڪري برڪس جي ملڪن ڊالر کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن جي ڪرنسي ۾ ڪاروبار ڪرڻ شروع ڪيو آهي.

نيو ڊولپمينٽ بينڪ NDP

برڪس ۽ شنگهائي تنظيم جي ميمبر ملڪن سميت دنيا جي ٻين ملڪن هاڻ آء ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ بجاء اين ڊي پي سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. جيڪا بينڪ بنا شرطن جي دنيا جي ملڪن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي. سعودي عرب 2030 واري پلان ۾ تيل بجاءِ سيڙپڪاري وارن معاملن تي فوڪس ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هاڻ هو اين ڊي پي ذريعي چين، ڀارت، برازيل سميت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ انهن جي ئي ڪرنسي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. مالياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جو ڊالر کان هٽڻ آمريڪا لاءِ فوجي خطري کان وڌيڪ اقتصادي خطرو آهي. سعودي عرب آمريڪي بينڪن ۾ اربين ڊالر رکيا آهن، هاڻ هو انهن کي به ڪڍڻ جو سوچي رهيا آهن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته دنيا ۾ نئون مالياتي زرزلو اچي ويندو. ان سان عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي طلب گهٽجي ويندي. ۽ عالمي سطح تي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويندو.

چين جي ڊجيٽل ڪرنسي ۽ قرض ڊپلوميسي:

هن وقت پيٽرو ڊالر پاليسي جي خاتمي جي شروعات ٿي چڪي آهي، پر آمريڪي ڊالر جي عالمي حيثيت هڪ ئي وقت ۾ ختم نه ٿيندي. جيتوڻيڪ BRICS جي توسيع ۾ سعودي عرب ۽ ٻين خليجي ملڪن جي شموليت (جيڪا پيٽرو ڊالر کي سڌو سنئون چئلينج آهي) ۽ روس، چين، ايران جو ٻين ڪرنسين ۾ واپار ڪرڻ آمريڪا لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ ڌڪ آهي، پر ڊالر جا چار بنياد اڃا به مضبوط آهن.آمريڪي ٽريزري بانڊز جي مارڪيٽ جي حفاظت، آمريڪي فوجي معاهدا، SWIFT تي ڪنٽرول، ۽ عالمي ذخائر ۾ ڊالر جو وڏو حصو (50 سيڪڙو کان وڌيڪ) ـ ان ڪري، BRICS جو عمل ڊالر کي ختم ڪرڻ بدران ان جي اجارہ داري کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. چين جي ڊيجيٽل يوآن (e-CNY) جي تياري ۽ NDB ذريعي بنا شرطن جي قرض فراهم ڪرڻ، مغربي مالياتي نظام کي ٽيڪنالاجي ۽ سرمائيداري جي لحاظ کان متبادل ڏئي رهيو آهي. ٻئي طرف، چين جي قرض ڄار واري سفارتڪاري پاڪستان ۽ سري لنڪا جهڙن ملڪن کي مالي طور تي پنهنجو پابند بڻائي، علائقائي اثر رسوخ وڌائي رهي آهي.

سڄي دنيا، خاص ڪري ڏکڻ ايشيا، هن وقت ٻن متضاد بلاڪن جي وچ ۾ ڦاٿل آهي: هڪ طرف آمريڪا جو پابندين، نيٽو ۽ ٽيرف وارو نظام آهي ته ٻئي طرف BRICS، SCO، ۽ چين جو قرض ۽ نئين عالمي حڪمراني وارو نظام. عالمي طاقت جو نئون توازن، هن وقت مالي، سياسي ۽ عسڪري محاذن تي هڪ ئي وقت ٺهي رهيو آهي، ۽ ان ۾ ڪاميابي انهن ملڪن جي ٿيندي، جيڪي وڌيڪ شفاف ۽ پائيدار مالي نظام پيش ڪندا. اهو هڪ واضح اشارو آهي ته دنيا هڪ نئين عالمي ڀونچال طرف وڌي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪي دٻدٻو گهٽجي ويندو ۽ ڪيترن ئي علائقائي طاقتن جو اڀار ٿيندو.