آمريڪي صدر ھينري ڪسنجر 1974ع ۾، سعودي عرب ۾ جديد تاريخ جي سڀ کان اهم مالي معاهدن مان هڪ جوڙي ڇڏيو. هي بندوبست نهايت سادو هو جنهن تحت اوپيڪ جا ميمبر ملڪ ۽ سعودي عرب پنهنجي تيل جي قيمت رڳو آمريڪي ڊالرن ۾ مقرر ڪندا ۽ پنهنجي اضافي آمدني آمريڪي ٽريزري بانڊن ۾ سيڙپ ڪندا؛ ان جي بدلي واشنگٽن انهن جي سلامتي جي ضمانت ڏيندو۔ هڪ ئي قدم ۾، هن پيٽروڊالر نظام سون واري معيار جي جاءِ والاري ڇڏي جنھن کي رچرڊ نڪسن ٽي سال اڳ ختم ڪري ڇڏيو ھو. ان جي جاءِ تي اهڙو نظام وجود ۾ آيو جيڪو وڌيڪ مضبوط هو، جنھن عالمي سطح تي آمريڪي ڪرنسي تي ساختي انحصار پيدا ڪيو. ان سان هر اهو ملڪ جنهن کي تيل گهربل هو، ۽ حقيقت ۾ دنيا جو هر ملڪ تيل جو محتاج آهي، ان کي پهرين ڊالرن جي ضرورت پوندي. (ھينئر روزاني جي بنياد تي 90 کان 100 ملين بيرل تيل پيدا ۽ وڪرو ڪيو ويندو آهي. جنھن جي ماليت تقريبن 2.5 کان 3 کرب ڊالرن تائين ٿيندي، ۽ جنھن مان 80 سيڪڙو ڊالر ۾ وڪرو ڪيو ويندو آهي)۔
ڊالرن جي هي طلب اختياري نه هئي، نه ئي اها آمريڪي قيادت تي اعتماد سان ڳنڍيل هئي، ۽ نه ئي ڪنهن ڳالهه ٻولهه جو موضوع هئي. اها سڌيءَ طرح عالمي معيشت جي ڍانچي ۾ زبردستي شامل ڪئي وئي آهي۔
پنجاهه سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ بعد، اهو ڍانچو هاڻي ٽٽي رهيو آهي. هڪ پاسي ڊونلڊ ٽرمپ جو معاشي قوم پرستي وارو ايجنڊا، ٻئي پاسي فارس جي نار ۾ تباهه ڪندڙ جنگ، ۽ ٽئين پاسي اهڙين عالمي طاقتن جون ڏهاڪن تي ٻڌل ڪوششون جيڪي واشنگٽن جي مالي گرفت مان نڪرڻ چاهين ٿيون، اهي سڀ گڏجي هن نظام تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن۔ جيتوڻيڪ ڊالر جو تاج اڃا مڪمل طور نه ڪريو آهي، پر اهو بيشڪ داغدار ٿي چڪو آهي، ۽ دنيا غور سان اهو منظر ڏسي رهي آهي۔
پيٽروڊالر جو آمريڪي معيشت ۾ ڪردار انتهائي غيرمعمولي رهيو آهي. معاشي ماهرن جي نظر ۾ سڀ کان اهم فائدو اهو آهي جنهن کي هو “سينيوريج” چون ٿا، يعني اها آمدني جيڪا دنيا جي غالب ڪرنسي جاري ڪندڙ ملڪ کي حاصل ٿيندي آهي۔ ڇو ته هر اهو ملڪ جيڪو تيل درآمد ڪري ٿو، ان کي توانائي خريد ڪرڻ لاءِ ڊالر رکڻ لازمي آهن، تنهنڪري آمريڪي ڪرنسي لاءِ عالمي طلب مستقل ۽ ساختي بڻجي وئي آهي. اها طلب آمريڪا جي مالي ذميواري يا واپاري توازن کان مڪمل طور الڳ رهي آهي۔
عام حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي برآمد کان گهڻو وڌيڪ درآمد ڪري، ته نتيجي ۾ ان جي ڪرنسي ڪمزور ٿي وڃي ٿي، جيستائين واپاري مقابلي جي صلاحيت بحال نه ٿئي. پر آمريڪا اڌ صديءَ کان هن معاشي قانون کان مستثنيٰ رهيو آهي۔ ان جا لڳاتار واپاري خسارا، وچ اوڀر ۾ ٻه ڏهاڪا هلندڙ فوجي مهمون، ۽ تقريباً 35 کرب ڊالر تائين پهتل قومي قرض، انهن مان ڪنهن به ڳالهه اهڙو ڪرنسي بحران پيدا نه ڪيو، جنھن بابت معاشيات اڳڪٿي ڪندي آهي۔ ان جو سبب اهو آهي ته باقي دنيا کي، ڪنهن نه ڪنهن طرح، ڊالر رکڻا ئي پيا آهن. معاشياتدان هن بندوبست کي آمريڪا جو “غيرمعمولي امتياز” (ايگزوربينٽ پرولج) سڏين ٿا۔ جنھن واشنگٽن کي تاريخ جي ڪنهن به خودمختيار رياست کان گهٽ وياج جي شرح تي قرض وٺڻ جو موقعو ڏنو آهي، عالمي فوجي آپريشن بغير ڪنهن وڏي پابندي جي هلائڻ جي اجازت ڏني آهي، ۽ مالي پابندين کي جيوسياسي دٻاءُ جي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي طاقت ڏني آهي، اهڙي طاقت جيڪا اڳ ڪنهن به سلطنت وٽ نه هئي۔
بين الاقوامي ادائيگين جو نظام (ايس ڊبليو آء ايف ٽي، سئفٽ) تقريباً سڄي دنيا جي سرحد پار مالي ڏيتي ليتيءَ کي سنڀالي ٿو، ۽ اهو پڻ ڊالر مرڪزيت واري ماحول ۾ ڪم ڪري ٿو. نتيجي طور واشنگٽن رڳو پنهنجي خزاني واري کاتي جي حڪم سان ڪنهن به ملڪ کي عالمي معيشت کان الڳ ڪري سگهي ٿو۔ هي طاقت اڳ ئي ڪيترن ملڪن، جهڙوڪ وينزويلا، روس، ايران ۽ اتر ڪوريا، ڪيوبا خلاف استعمال ٿي چڪي آهي. ان ڪري پيٽرو ڊالر رڳو هڪ معاشي نظام نه، پر آمريڪي عالمي اثر رسوخ جي مالي بنياد پڻ بڻجي ويو آهي۔
ملڪ ڊالرن کي آمريڪا سان محبت سبب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. اهي انهن کي ساختي مجبوري سبب حاصل ڪن ٿا۔ ڇو ته عالمي تيل جي قيمت ڊالرن ۾ مقرر ٿئي ٿي، تنهنڪري هر اها معيشت جيڪا توانائي استعمال ڪري ٿي، ۽ بغير توانائي جي ڪا به معيشت زنده نه رهي سگهي ٿي، ان کي ڊالرن جا ذخيرا رکڻا پوندا آهن۔
ڇو ته آمريڪي ٽريزري بانڊ دنيا جا سڀ کان گهرا، سڀ کان وڌيڪ سيال (لڪئڊ)، ۽ قانوني طور سڀ کان وڌيڪ محفوظ مالي اثاثا سمجهيا وڃن ٿا، تنهنڪري فرينڪفرٽ کان بيجنگ تائين مرڪزي بئنڪون انهن کي پنهنجي بنيادي قدر محفوظ ڪرڻ جي ذريعي طور رکن ٿيون. ڇاڪاڻ ته واشنگٽن انهن سڀني انحصارن کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪيو آهي، مثال طور 2022ع ۾ روس جي مرڪزي بئنڪ جا تقريباً 300 ارب ڊالر منجمد ڪرڻ يا ايران کي عالمي ادائيگي نظام مان ڪڍڻ، تنهنڪري ڪيترن ملڪن وٽ ڊالر رکڻ جو سبب اهو به رهيو آهي ته هو آمريڪي پابندين جو نشانو نه بڻجن.
ڊالر کان هٽي وڃڻ رڳو سياسي فيصلو ناهي؛ ان لاءِ مڪمل متبادل مالي نظام ٺاهڻو پوندو، جيڪو هڪ انتهائي وڏو ۽ پيچيده ڪم آهي. گهڻي عرصي تائين ڪا به طاقت يا اتحاد اهڙو نظام قائم نه ڪري سگهيو هو، شايد هاڻي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي.
ڪيترن ماهرن جي نظر ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڊالر جي ڊگهي مدي واري حيثيت کي ڪنهن به پرڏيهي دشمن کان وڌيڪ نقصان پهچايو آهي. سال 2017ع کان 2021ع تائين سندس پهرين صدارتي دور ۾ ايران، روس، وينزويلا ۽ اتر ڪوريا تي لڳايل سخت پابندين ڊي ڊالرائيزيشن کي تيز ڪري ڇڏيو. پابندين هيٺ ايندڙ هر ملڪ لاءِ اهو ضروري ٿي ويو ته هو ڊالر جو متبادل نظام تيار ڪري، ۽ بيجنگ هن عمل ۾ بنيادي ڍانچو مهيا ڪرڻ لاءِ تيار هو.
ٽرمپ جي پهرين دؤر جي آخر تائين روس پنهنجي ڊالر ذخيرن کي 41.5 سيڪڙي کان گهٽائي صرف 13 سيڪڙي تائين آڻي ڇڏيو، جڏهن ته چين خاموشي سان پنهنجو متبادل ادائيگي نظام سي-آء-پي-ايس تيار ڪري ڇڏيو.
ٽرمپ جو ٻيو صدارتي دور، جيڪو جنوري 2025ع ۾ شروع ٿيو، وڌيڪ سڌو نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي.
اپريل 2، 2025ع تي، جنهن کي وائٽ هائوس “آزادي جو ڏينهن” قرار ڏنو، ٽرمپ تقريباً سڀني واپاري ملڪن تي وسيع ٽيرف لاڳو ڪيا. هي قدم 1909ع کانپوءِ آمريڪي واپاري پاليسي ۾ سڀ کان وڌيڪ تحفظ پسند رخ سمجهيو ويو.
بازار جو ردعمل تاريخي هو. گذريل هر بحران، جهڙوڪ 2008ع جي مالي بحران يا ڪووڊ-19 وبا، دوران سيڙپڪار ڊالر ڏانهن ڀڄندا هئا. پر اپريل 2025ع ۾ انهن ان جي ابتڙ ڪيو. هو ڊالر کان پري ڀڄڻ لڳا. آمريڪي ڊالر انڊيڪس هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻه سيڪڙو کان وڌيڪ ڪري پيو، جيڪو لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي ۾ سڀ کان وڏي گهٽتائي هئي، جڏهن ته خوف ماپيندڙ VIX انڊيڪس تيزي سان وڌي ويو. نتيجي ۾ يورپي سيڙپڪارن اوچتو آمريڪي ٽريزري بانڊ رکڻ لاءِ سالياني 2.2 سيڪڙو وڌيڪ واپسي جو مطالبو ڪرڻ شروع ڪيو۔ ان جو مطلب اهو هو ته آمريڪي سرڪاري قرض هاڻي مڪمل طور محفوظ اثاثو نه سمجهيو پيو وڃي۔ سال 2025ع جي پهرين اڌ ۾ ڊالر پنهنجي قيمت جو ڏهه سيڪڙي کان وڌيڪ وڃائي ويٺو. ٽرمپ جا ٽيرف، فيڊرل ريزرو جي آزادي بابت ڌمڪيون، نيٽو ميمبرن سان تڪرار، ۽ سندس “ون بگ بيوٽيفل بل” جنهن قومي قرض ۾ وڌيڪ ٽريلين ڊالر شامل ڪرڻ جو امڪان پيدا ڪيو، انهن سڀني عالمي سيڙپڪارن کي ڊالر ۾ رکيل اثاثن جي سلامتي بابت سنجيده شڪ ۾ وجهي ڇڏيو.
ڪيترن مالي تجزيه نگارن جي نظر ۾ ڊالر هاڻي “سيف هيون ڪرنسي” کان بدلجي “رسڪ-آن ڪرنسي” بڻجي ويو آهي، جيڪو ٻي عالمي جنگ کانپوءِ واري دور ۾ بي مثال حيثيت جي گهٽتائي سمجهي وڃي ٿي. پوءِ 28 فيبروري 2026 آيو، ۽ هر شيءِ ٻيهر بدلجي وئي. آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي، جيڪو “آپريشن ايپڪ فيوري” جي نالي سان سڃاتو ويو، ايران تي ڪيل حملي سان شروع ٿيو، جنهن جي شروعات ئي سپريم ليڊر علي خامنه اي جي قتل سان ٿي. ان واقعي فوري طور تي اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جنهن کي بين الاقوامي توانائي ايجنسي “انساني تاريخ ۾ عالمي توانائي جي سلامتي لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج” قرار ڏنو. جنگ جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڊالر بلڪل اهو ئي ڪيو جيڪو تاريخي طور تي فوجي ٽڪراءَ دوران ڪندو رهيو آهي. اهو وڌيڪ مضبوط ٿيو. ڊالر انڊيڪس 2026 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، ڇاڪاڻ تہ دنيا جا تيل درآمد ڪندڙ ملڪ مهانگي ٿيندڙ خام تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڊالر گڏ ڪرڻ لڳا. برينٽ تيل جي قيمت ڪجهه ڏينهن اندر في بيرل 120 ڊالر کان مٿي نڪري وئي، جيڪا جنگ کان اڳ واري سطح کان لڳ ڀڳ سٺ سيڪڙو واڌ هئي.
جڏهن تهران 4 مارچ تي هرمز جو سامونڊي لنگهه بند ڪري ڇڏيو، جيڪو دنيا جي لڳ ڀڳ ويهه سيڪڙو تيل ۽ ايل-اين-جي، واپار جو اهم رستو آهي، ته ڪويت، عراق، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات ۾ گڏيل طور تي تيل جي پيداوار تقريباً ڏهه ملين بيرل روزانو گهٽجي وئي. خليجي اسٽاڪ مارڪيٽون ڪري پيون. خليج تعاون ڪائونسل (جي-سي-سي) جو سڄو معاشي ماڊل، جيڪو تيل جي آمدنيءَ کي ڊالر ۾ تبديل ڪري آمريڪي مالي اثاثن ۾ لڳائڻ تي ٻڌل هو، اهڙي صورتحال سان منهن ڏنو جنهن کي معاشيات دانن “نظامي تباهي” سڏيو. بلومبرگ هن تاريخي ٽٽڻ کي “فضيلت وارو دائرو” سڏيو جنهن ۾ آمريڪا وچ اوڀر ۾ استحڪام جي ضمانت ڏيندو رهيو ۽ ان جي بدلي ۾ خليجي ملڪ پنهنجي ڊالر آمدني آمريڪي ٽريزري بانڊن ۾ لڳائيندا رهيا، هاڻي ٽٽي چڪو آهي.
بهرحال، سڀ کان وڌيڪ اهم تبديلي مختصر مدت واري ڊالر جي مضبوطي نه پر اهو آهي جيڪو ايران هرمز جي سامونڊي لنگهه تي پنهنجي ڪنٽرول ذريعي ڪري رهيو آهي. تهران هڪ “منتخب رڪاوٽ” واري حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي. چين ڏانهن ويندڙ تيل بردار جهاز آزادي سان گذري سگهن ٿا، بشرطيڪه ادائيگي آمريڪي ڊالر بدران چيني يوآن ۾ ڪئي وڃي. جنگ شروع ٿيڻ کان ڪجهه هفتن اندر جهازن يوآن ۾ ٽرانزٽ ٽول ادا ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي. ھن موقعي جو استعمال ڪندي تهران هن انتظام کي مستقل بڻائڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري رهيو آهي. هي تڪرار “تيل جي قيمتن لاءِ سلامتي جي بدلي واري نظام کي آزمائي رهيو آهي، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي کان وٺي ڊالر تي ٻڌل عالمي تيل جي قيمتن کي برقرار رکندو رهيو آهي.” شايد مستقبل ۾ هن جنگ کي “پيٽرو ڊالر جي بالادستي جي زوال لاءِ هڪ اهم محرڪ ۽ پيٽرو يوآن جي شروعات” طور ياد ڪيو وڃي. هن صورتحال کي صرف جنگي عارضي حڪمت عملي بڻجڻ کان وڌيڪ اهم بڻائيندڙ ڳالهه اها آهي ته چين ڪيترن ئي سالن کان اهڙو مالي ڍانچو تيار ڪندو رهيو آهي جيڪو هن نظام کي سهارو ڏئي سگهي. چيني سي-آء-پي-ايس ادائيگي وارو نظام صرف 2024 ۾ لڳ ڀڳ 24.5 ٽريلين ڊالر جي ٽرانزيڪشن کي پروسيس ڪيو، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 43 سيڪڙو واڌ هئي.
يوآن تي ٻڌل توانائي واپار جو ڍانچو اڳ ئي موجود هو؛ ايران واري جنگ ان کي عملي طور چالو ڪري ڇڏيو آهي. ايران ڪيترن سالن کان آمريڪي پابندين کان بچڻ لاءِ پنهنجو گهڻو تيل يوآن ۾ وڪرو ڪندو رهيو آهي، ۽ هاڻي اهو ئي ماڊل دنيا جي سڀ کان اهم سامونڊي واپاري رستي تائين وڌائي رهيو آهي.
هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ڇا هي تبديلي عالمي مالي نظام لاءِ مستقل موڙ ثابت ٿيندي يا رڳو هڪ عارضي خلل هوندي. ڊالر جي مضبوط رهڻ لاءِ دليل اڃا به ڪافي آهن. دنيا ۾ ڪو به متبادل اهڙو ناهي جيڪو آمريڪي مالي مارڪيٽن جي گھرائي، ليڪوڊٽي ۽ قانوني اعتبار جي برابر هجي. يورو زون جي مالي اختلافن سبب يورو محدود آهي. يوآن اڃا مڪمل طور آزاد مٽاسٽا لائق ڪرنسي ناهي، ۽ پيٽرو يوآن هن وقت عالمي تيل واپار جي صرف لڳ ڀڳ پنج سيڪڙو ادائيگين تائين محدود آهي. برڪس ملڪن جي تجويز ڪيل ڪرنسي، جنهن کي “يونٽ” چيو وڃي ٿو، اڃا عملي اوزار کان وڌيڪ هڪ خواهش آهي.
عالمي زرِ مبادله جي ذخيرن ۾ ڊالر جو حصو، جيتوڻيڪ گهٽجي رهيو آهي، 1999 ۾ 71 سيڪڙو کان گهٽجي اڄ لڳ ڀڳ 58 سيڪڙو رهجي ويو آهي، پر پوءِ به اهو پنهنجي سڀني حريفن کان گهڻو وڌيڪ آهي. ان هوندي به، ڊالر جي بالادستي کي للڪار ڪندڙ قوتون هاڻي اڳ کان وڌيڪ منظم ۽ قابل عمل ٿي چڪيون آهن. هاڻي بنيادي ڍانچو موجود آهي. ايم-برڊج سي-آء-پي-ايس، ملٽي ڪرنسي سي-بي-ڊي-سي پليٽفارم، ۽ يوآن ۾ چاليهه کان وڌيڪ ٻطرفا ڪرنسي سواپ معاهدا اهڙا متبادل مهيا ڪن ٿا جيڪي پنج سال اڳ ممڪن نه هئا. هاڻي ترغيب پڻ وڏي پيماني تي موجود آهي. آمريڪا پاران پابندين ۽ زرِ مبادله جي ذخيرن کي منجمد ڪرڻ ذريعي ڊالر کي سياسي هٿيار طور استعمال ڪرڻ ڪيترن ئي ملڪن کي متبادل نظام ٺاهڻ تي مجبور ڪيو آهي. ان عمل جي پيماني ۾ به واڌ ٿي رهي آهي. مارچ 2026 ۾ ڀارت پاران يوآن ۽ گڏيل عرب امارات جي درهم ۾ ڪيل تيل جون ادائيگيون رڳو علامتي قدم نه پر واپاري ماليات ۾ بنيادي تبديليون هيون. برطانوي پائونڊ کي عالمي ذخيرو ڪرنسي مان ثانوي حيثيت تائين 1920ع کان 1950ع تائين لهڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽي ڏهاڪا لڳا. اهو عمل آهستي آهستي شروع ٿيو ۽ پوءِ اوچتو تيز ٿي ويو. ڊالر شايد هاڻي پنهنجي “آهستي مرحلي” ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
پيٽرو ڊالر 1971 ۾ آمريڪي مالي اعتبار جي بحران کان پوءِ پيدا ٿيو ۽ 1974 ۾ سلامتي جي بدلي ڊالر جي گردش واري نظام تي ٻيهر قائم ٿيو. هاڻي ان نظام جا ٻئي بنياد ڪمزور ٿيندي نظر اچن ٿا. ڊالر جو زوال آهستي رهندو يا اوچتو تيز ٿيندو، اهو ان ڳالهه تي دارومدار رکي ٿو ته ڇا آمريڪي پاليسي ساز پنهنجي ڪرنسي لاءِ ضروري ادارتي اعتماد کي ٻيهر بحال ڪن ٿا يا مالي لاپرواهي، سخت پابندين ۽ فوجي مداخلتن ذريعي انهن بنيادن کي ئي ڪمزور ڪندا رهن ٿا جيڪي سندن اڳواڻن 1974ع ۾ قائم ڪيا هئا. هرمز جو سامونڊي ئصرف 21 ميل ويڪرو آهي، پر شايد ڊالر جي بالادستي ۽ ان جي زوال جي وچ وارو فاصلو ان کان به گهٽ هجي.