| پيپلزپارٽي اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ، اليڪشن ڪميشن ۽ ججن بابت ترميمون رد ڪري ڇڏيو، آئيني عدالت بابت اڄ وري اجلاس |
ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پاڪستان پيپلز پارٽي حڪومت جي 27هين ترميم جي پيڪيج مان رڳو هڪ تجويز جي مڪمل حمايت ڪندي، اين ايف سي مان صوبن جو حصو گهٽائڻ، جڊيشل مئجسٽريٽ، اليڪشن ڪميشن ۽ ججز جي مقرري بابت ترميمون رد ڪندي آئيني عدالت جي جوڙجڪ تي غوي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. پ پ جي سينثرل ايگزيڪيوٽو ڪاميثي جو اجلاس پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو جي صدارت ھيٺ ٿيو جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خاص طور شرڪت ڪئي. بلوچستان جو وڏو وزير سرفراز بگثي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ، ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پ پ جي آئيني ماھرن پاران 27هي ترميم بابت وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل ڊرافٽ جي ھڪ ھڪ نقطي تي بريفنگ ڏني وئي. آرٽيڪل 243 ۾ ترميم تي پڻ تجويز ڪيل ڊرافٽ جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ذريعن موجب اجلاس دوران 27هين آئيني ترميم تي بحث دوران ماحول گرم رهيو،. پيپلز پارٽي جا ڪيترائي سينيئر اڳواڻ 27هين ترميم جي اڪثر تجويزن جا مخالف هئا. آئيني ماهرن جي راءِ آهي ته اين ايف سي ايوارڊ بابت آرٽيڪل 160 جي شق 3-اي تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو وڃي. پيپلز ارڙھين ترميم جي ڪنهن به شيڊول ۾ ڪا ترميم يا تبديلي نه ٿيڻ گهرجي. ارڙھين ترميم جي شق 2 ۽ 3 سان به ڪنهن به صورت ۾ ڇيڙ ڇاڙ نه ٿيڻ گھرجي. ارڙھين ترميم ۾ ترميم قبول ڪرڻ پارٽي لاء سياسي خودڪشي برابر هوندو. اجلاس بعد بريفنگ ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ججن جي بدلي، اليڪشن ڪميشن جي مقررين ۾ ڊيڊلاڪ ٽوڙڻ ۽ ٻين معاملن تي اجلاس ۾ غور ڪيو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته اين ايف سي ۾ صوبن جي مالي حصي کي مليل آئيني تحفظ کي ختم ڪرڻ واري ترميم رد ڪريون ٿا. اسان رڳو هڪ ترميم آرٽيڪل 243 ۾ تبديلي تي راضي آهيون، جنهن ۾ چيئرمين جوائنٽ چيفس جي عهدي کي نئون نالو ۽ فيلڊ مارشل جي عهدي کي تحفظ ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جون باقي سموريون تجويزون يا ته مڪمل رد ڪيون آهن يا انهن تي ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته آئيني عدالت جي معاملي تي به چيو ويو ته ان ۾ چئني صوبن جي برابر نمائندگي تي ڪو سمجهوتو نه ٿيندو. آئيني عدالت تي اڄ به اجلاس ٿيندو جنهن ۾ صلاح مشورا ڪيا ويندا. جوڊيشل مئجسٽريٽس جي نظام، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري تي ڊيڊلاڪ ختم ڪرڻ، ججز جي مقرري جي باري ۾ ڪا ڳالهه نه قبول ڪئي ويندي.