پيپلزپارٽي جو جماعت اسلامي سان رابطو، ڪراچي جي ميئرشپ بابت ٻيهر ڳالهين جو امڪان

مَي 21, 2023

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  پ پ جو جماعت اسلامي سان رابطو ميئر شپ جو ضابطه ڪار طئي ڪرڻ لاءِ ٻنهي پارٽين ۾ ڳالهيون جو امڪان ذريعن موجب ڪراچي جي ميئرشپ جي معاملي تي پيپلزپارٽي پاران جماعت اسلامي سان رابطو ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب پيپلزپارٽي پيغام ڏنو ته ميئرشپ لاءِ پ پ جماعت اسلامي سان سنجيده ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي ڪراچي ۾ مڪاني نظام هلائڻ لاءِ ضابطه ڪار تي اتفاق ڪيو وڃي ذريعن موجب اهڙي رابطي بعد ٻنهي پارٽين ۾ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون

واضح رهي ته مڪاني چونڊن جي فوري بعد به پ پ ۽ جماعت اسلامي ۾ ڳالهيون ٿيون هيون عددي لحاظ کان پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي آساني سان ميئر آڻڻ جي پوزيشن ۾ آهن جڏهن ته اتحادين جي امڪاني حمايت باوجود پيپلزپارٽي کي ميئر آڻڻ لاءِ 10 کان وڌيڪ ميمبر گهربل آهن

Leave A Comment