پيپلزپارٽي جيڪا ڌانڌلي جي ماسٽر آهي، ڌانڌلي جو روئڻ پٽڻ شروع ڪيو آهي، قيامت ڪڏهن ايندي: مريم نواز

پيپلزپارٽي جيڪا ڌانڌلي جي ماسٽر آهي، ڌانڌلي جو روئڻ پٽڻ شروع ڪيو آهي، قيامت ڪڏهن ايندي: مريم نواز

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته پيپلزپارٽي جيڪا ڌانڌلي جي ماسٽر آهي، ڌانڌلي جو روئڻ پٽڻ شروع ڪيو آهي، قيامت ڪڏهن ايندي؟ وزير اطلاعات پنجاب عظميٰ بخاري ردعمل ڏيندي چيو ته ڪشميرين سنڌ جي حالت ۽ پنجاب ۾ ڪارڪردگي ڏسي نون ليگ کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، پيپلزپارٽي جي قيادت وٽ سنڌ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي بابت ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه ناهي، ان ڪري رڳو الزام بازي ڪئي پئي وڃي، اسان کي شرمندو ڪرڻ لاءِ ئي سنڌ جي ڪارڪردگي ٻڌايو، پنجاب جهڙو ڪو هڪ اسڪول ته سنڌ ۾ ڏيکاريو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ڪراچي تي 1700 ارب خرچ ڪيا اٿئون، ٻڌايو ته اهي پئسا ڇا تي خرچ ٿيا، ڪشمير ۾ پرزائيڊنگ آفيسر توهان جا، انتظاميا توهان جي، سرڪار توهان جي ۽ ڌانڌلين جا الزام وري نون ليگ تي؟ بلاول ڀٽو زرداري يو ٽرن خان ٿيڻ کان پاسو ڪري، اهڙو بيان ڏنو ڇو جنهن تي وضاحتون ڪرڻيون پيون.