پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس اڄ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو

فيبروري 12, 2024

آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلزپارٽي جي سي اي سي جو اجلاس اڄ زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو

نواز ليگ جي قيادت سان حڪومت سازي بابت ٿيل ڳالهين بابت پارٽي کي اعتماد ۾ ورتو ويندو

پيپلزپارٽي جي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو وزيراعظم نه ٿو بڻجي ته پيپلزپارٽي کي اپوزيشن ۾ ويهڻ گهرجي

اهو به ٿي سگهي ٿو ته اسان نواز ليگ جو وزيراعظم بڻايون ۽ پاڻ اپوزيشن ۾ ويهون، پيپلزپارٽي جي سهڪار کانسواءِ ڪا به حڪومت ٺهي نه ٿي سگهي، پارٽي چاهي ٿي ته بلاول وزيراعظم ٿئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ