پيپلزپارٽي جي سي اي سي حڪومت ۾ شموليت جي مخالفت ڪري ڇڏي، پاور شيئرنگ فارمولو رد: بهتر آهي اپوزيشن ۾ ويهجي: سينيئر اڳواڻ
فيبروري 13, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) پاڪستان پيپلزپازرٽي جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي ن ليگ پاران اڍائي اڍائي سالن لاءِ وزارت عظميٰ وٺڻ وارو فارمولو رد ڪندي پارٽي کي حڪومت ۾ شامل نه ٿيڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪور ڪاميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿي گذريو. بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ن ليگ پاران حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت بابت اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ن ليگ پاران اهم عهدا ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اجلاس دوران سينئر اڳواڻن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيڻ بدران اپوزيشن ليڊر بڻجڻ جي تجويز ڏني وئي. اجلاس ۾ اڪثر سينئر اڳواڻن پاران چيو ويو ته حڪومت سازي بابت تڪڙ ۾ فيصلو نه ڪيو وڃي. ذريعن موجب اجلاس دوران آصف زرداري اڳواڻن کان پڇيو ته مون کي چيو ويو آهي ته حڪومت سازي ۾ مدد ڪريو، بلوچستان ۾ توهان جي حڪومت اچي ويندي. هن چيو ته ڪو عهدو اهميت نٿو رکي، ملڪي ترقي ترجيح آهي. پارٽي ميمبر صلاح ڏين ته ڪهڙي پاسي وڃڻ گھرجي. ڇا صدارت، اسپيڪرشپ سميت آڇون قبولڻ گھرجن؟ ان تي پنجاب جي اڳواڻن جي اڪثريت حڪومت ۾ شموليت جي مخالفت ڪئي. اڳواڻن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري جيڪو به فيصلو ڪن پارٽي ۽ ملڪ جي مفادن کي نظر ۾ رکي ڪن. ذريعن موجب سينئر اڳواڻن چيو ته مضبوط اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي. ڪمزور اتحادي حڪومت ٺهي ٿي ته وزيراعظم ٿيڻ کان بهتر آهي بلاول ڀٽو زرداري اپوزيشن ليڊر بڻجي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سينئر اڳواڻن اڍائي اڍائي سالن لاءِ وزارت عظميٰ وٺڻ وارو فارمولو رد ڪيو ويو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سينئر اڳواڻن چيو ته ن ليگ کي حڪومت سازي ۾ سپورٽ ڪرڻ گھرجي پر حڪومت جو حصو نه بڻجڻ گھرجي، نه ئي وزارتون ورتيون وڃن. ذريعن موجب سينئر اڳواڻن چيو ته حڪومت جو حصو بڻجڻ بدران ن ليگ کي سپورٽ ڪرڻ گھرجي ۽ ن ليگ تي زور وجھجي ته اها پيپلزپارٽي جو منشور اڳتي کڻي هلي، اسين پوئتي هلنداسين. سينئر اڳواڻن جي اڪثريت چيو ته ٻيهر ن ليگ تي اهڙو ڀروسو ڪرڻ ٺيڪ ناهي. ن ليگ سان اتحاد اسان کي سياسي نقصان ڏيندو. ڪمزور اتحاد جو حصو بڻجڻ کان بهتر آهي اپوزيشن ۾ ويهڻ گھرجي. هوڏانهن ميڊيا رپورٽن موجب پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي مرڪز ۾ اتحادي حڪومت ٺاهڻ لاءِ فارمولو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب، وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ن ليگ ۽ پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ ( ف ) وچ ۾ سياسي اتحاد جو امڪان آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ وچ ۾ ٻه نقاطي فارمولو تيار ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهه ٻول ۾ ڪردار ادا ڪندڙ انتهائي اهم شخصيت ٻڌايو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سي اي سي اجلاس ۾ اتحادي حڪومت جي حوالي سان ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ويندي. ذريعن موجب، ٻه نقاطي فارمولي تحت پهرين مرحلي ۾ وڌيڪ سيٽن واري پارٽي جو وزيراعظم ٽي سال رهندو ٻئي مرحلي ۾ ٻن سالن لاءِ ٻي جماعت جو وزيراعظم هوندو جڏهن ته پ پ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ مريم نواز جي حمايت جي خاطري ڪرائيندي.ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي سي اي سي اجلاس کان پوءِ ميڊيا بريفنگ ڏيندي شيري رحمان، شازيا مري ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي ٻڌايو ته اجلاس ۾ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. سي اي سي جو اجلاس اڄ به جاري رهندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويوآهي ته ٻين پارٽين سان به رابطو ڪيو ويندو، ان ڪري رابطا ڪاميٽيون جوڙي رهيا آهيون. اسين سمورين سياسي پارٽين سان رابطو ڪنداين. هنن چيو ته اجلاس ۾ سمورن اڳواڻن جي تجويزن تي غور ويچار ڪيو ويو، اڃا به غور ڪنداسين. سڀني اڳواڻن پنهنجون تجويزون ڏنيون آهن، انهن جي روشني ۾ اڳتي وڌنداسين،