پيپلزپارٽي پاران يومِ تاسيس ملهائڻ جون تياريون جاري

پيپلزپارٽي پاران يومِ تاسيس ملهائڻ جون تياريون جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي ڪراچي پاران يوم تاسيس ڀرپور نموني ملھائڻ لاءِ تياريون جاري، شھيدن کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪرڻ جو وچن، تفصيل موجب  پاڪستان پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو  پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر سعيد غني جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ يومِ تاسيس جي تيارين کي حتمي شڪل ڏني وئي، اجلاس ۾ اهو پڻ عزم ڪيو ويو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صرف هڪ سياسي جماعت ناهي، پر عوامي خدمت ۽ جمهوري جدوجهد جي هڪ تاريخي تحريڪ آهي، جيڪا انصاف، شموليت ۽ عوامي فلاح جي اصولن تي قائم آهي. اجلاس ۾ گڏيل فيصلي طور تي اهو طئي ڪيو ويو ته هن سال يومِ تاسيس کي شاندار ۽ جوش و خروش سان ملهايو ويندو ۽ ماضي جي شانِ جدوجهد کي خراجِ تحسين پيش ڪندي مستقبل لاءِ پارٽي جو عزم وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. اجلاس ۾ متفقه طور تي اهو پڻ فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ هڪ شاندار جلسو عام منعقد ڪيو ويندو، جنهن ۾ عوام جي ڀرپور شموليت کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن پيپلز پارٽي جي نظريي، جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار کي شايانِ شان طريقي سان پيش ڪيو وڃي. جلسو 30 نومبر تي ڪورنگي ساڍي ٽي نمبر تي عيدگاه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو، جنهن ۾ پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندو. هن موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته شهر ۾ يومِ تاسيس کي انتهائي جوش و خروش سان ملهايو ويندو، شهر جي مختلف هنڌن تي بينرز ۽ پينا فليڪس لڳايا ويندا، جڏهن ته ضلعي سطح تي سڀني ضلعن ۾ 29 نومبر تي ريليون پڻ ڪڍڻ جا انتظام ڪيا ويندا.