پيپلزپارٽي پاران چونڊن بابت حڪمت عملي تيار: اهم سياسي شخصيتن سان رابطن جو فيصلو
نومبر 28, 2023
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي ايندڙ چونڊن بابت حڪمت عملي تياري ڪري ورتي. پيپلز پارٽيءَ پاران قومي ۽ صوبائي سطح تي اھم ترين سياسي شخصيتن سان رابطن جو فيصلو ڪيو ويو آھي. پيپلز پارٽي مذاڪراتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، ڳالھين واري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ايندڙ چوندن متعلق تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. قومي ۽ صوبائي سطح تي اھم ترين سياسي شخصيتن سان رابطن جو فيصلو ڪيو ويو. سيڪريٽري جنرل پيپلز پارٽيءَ سيد نيئر بخاري قومي ۽ صوبائي شخصيتن سان ملاقاتن جي شيڊول لاءِ ڪاميٽي ميمبرن کي ذميواري ڏني. اجلاس ۾ مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات فيصل ڪريم ڪنڊي، خيبرپختونخواھ جي صدر محمد باچا شرڪت ڪئي. جڏھن ته ڪميٽي جي ميمبرن قمر الزمان ڪائرا، ساجد طوري وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.