پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي سليڪشن قرار ڏئي ڇڏيو
ڊسمبر 2, 2023
پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ نون به تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي اليڪشن کي سليڪشن قرار ڏئي ڇڏيو آهي
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جنهن پارٽيءَ جو بنياد ئي ڌانڌلي تي رکيو ويو هجي ان پارٽيءَ جون انٽرا پارٽي چونڊون شفاف ڪيئن ٿيون ٿي سگهن
هن چيو ته اڄ هڪ اليڪشن ٿي جنهن ۾ سليڪشن ٿي، هڪ مفرور شخص پارٽي جو چيئرمين ڪيئن ٿو چونڊجي سگهجي؟
نون ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سليڪشن جو عمل رڳو 15 منٽن ۾ مڪمل ڪيو ويو
هن چيو ته انٽرا پارٽي اليڪشن بابت ڏيڍ ڪلاڪ تائين پريس رليز روڪي عوام ۽ اليڪشن ڪميشن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
مريم اورنگزيب نامعلوم ۽ ڳجهي هنڌ تي ڪرايل اها ڪهڙي اليڪشن هئي جنهن ۾ نه ووٽرز هئا ۽ نه وري ووٽر لسٽون ۽ پرزائيڊنگ آفيسر نظر آيا