| پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو گڏجي وڏي اننگ کيڏڻ جو ارادو آهي: اياز صادق |
سکر (بيورو رپورٽ) اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي تهپيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جو گڏجي وڏي اننگ کيڏڻ جو ارادو آهي، نوازليگ جو وفد شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان دعا لاءِ آيا آهيون. پيپلزپارٽي جي مدد سان اسپيڪر ٿيو آهيان، صدر زرداري سان ذاتي رستو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ آهي، پي پي جي جهموريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن عدالتي حڪم تحت ۽ جيل مينوئل تحت عمران خان کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن. عمران خان کي جيڪي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اهي ڪڏهن به ڪنهن کي ناهن مليون. 28هين ترميم بابت اسان کي خبر ناهي. هن چيو ته وزيراعظم چيو اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، قومي اسيمبلي جي آفيس حاضر آهي، جڏهن به ڳالهين لاءِ اچن.