پيپلز بس سروس جي کوکرا پار کان صدر تائين نئين روٽ جو اعلان

آگسٽ 1, 2023

کراچی(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي واسين لاءِ هڪ وڌيڪ خوشخبري اچي وئي، سنڌ حڪومت پيپلز بس سروس جي کوکرا پار کان صدر تائين نئين روٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اڄ منجهند 3 وڳي ٽرانسپورٽ وارو وزير شرجيل انعام ميمڻ نئين روٽ تي بس جو افتتاح ڪندو

پيپلز بس جو نئون روٽ کوکرا پار کان صدر تائين 35 ڪلوميٽر رکيو ويو آهي جنهن تحت بس کوکرا پار کان نڪرندي ۽ ڪالابورڊ کان قائد آباد، لانڍي، ڪورنگي، قيوم آباد ۽ ايف ٽي سي کان شروع ٿي صدر تائين هلندي

ان حوالي سان صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت منصوبابندي تحت حڪومت جي خاتمي باوجود نئين بسن جي آمد جو سلسلو جاري رهندو

Leave A Comment