| پيپلز بس ۽ اي وي ٽيڪسي کي سيف سٽي سان ڳنڍڻ جو فيصلو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت شهري سيڪيورٽي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ لاءِ پيپلز بس سروس ۽ اي وي ٽيڪسي سروس جي اندرين ۽ ٻاهرين ڪيميرائن کي سيف سٽي نيٽ ورڪ سان ڳنڍڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته انٽيليجنٽ ٽرانسپورٽ سسٽم کي سيف سٽي پراجيڪٽ سان ڳنڍڻ سان نه رڳو عوامي ٽرانسپورٽ جو نظام وڌيڪ محفوظ ٿيندو، هن چيو ته ڪيميرائن جي ضم ٿيڻ کانپوءِ ڪراچي سميت ٻين وڏن شهرن ۾ سيڪيورٽي مانيٽرنگ، ٽريفڪ ڪنٽرول ۽ عوامي تحفظ جي قدمن ۾ نمايان سڌارا ايندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڊسمبر ۾ جديد اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪرڻ لاءِ تيزيءَ سان قدم کڻي رهي آهي ته جيئن شهرين کي سستي، محفوظ ۽ ماحول دوست سفر جي سهولت فراهم ڪري سگهجي. ڪالهه سيڙپڪارن جي وفد سان ملاقات ۾ هن چيو ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ جديد سفري نظام جي سخت ضرورت آهي، حڪومت چاهي ٿي ته ڊسمبر تائين اي وي ٽيڪسي سروس شروع ڪئي وڃي، جيئن شهرين کي روايتي ٽرانسپورٽ جي مقابلي ۾ هڪ بهتر ۽ جديد متبادل ملي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اي وي ٽيڪسي سروس گهٽ ڀاڙي ۾ آرامده ۽ محفوظ سفر جي سهولت فراهم ڪندي، شروعاتي مرحلي ۾ اها سروس ڪراچي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ پوءِ ٻين وڏن شهرن تائين وڌائي ويندي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عورتن لاءِ “پنڪ اي وي ٽيڪسي سروس” به متعارف ڪرائي پئي وڃي.