پيپلز پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ پوري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي: آصف علي زرداري

آڪٽوبر 30, 2023

نواب شاهه (رپورٽ: اياز ڏاهري) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري، زرداري ھائوس نواب شاهه ۾ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ سياست ۽ چونڊن جي حوالي سان ڪارڪنن کان صلاح مشوار ورتا ۽ پارٽي جو پيغام گھر گھر تائين پھچائڻ جي ھدايت ڪندي آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ انشاءالله پوري ملڪ مان ڪاميابي حاصل ڪندي

ڪارڪن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اصل طاقت آھن ۽ قيادت پنھنجي ڪارڪنن سان گڏ آھي

جڏھن ته ان موقعي تي پي پي پي ڊويزنل صدر ۽ اڳواڻي قانوني وزير ضياءُ الحسن لنجار، حاجي علي حسن زرداري، غلام قادر چانڊيو کان علاوه عبدالستار ڪيريو، عبدالسليم جلباڻي، ڄام تماچي انڙ، چوڌري جاويد، عاشق حسين زرداري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا

Leave A Comment