| پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ ۾ آزاد جمون ڪشمير چونڊن لاءِ اتحاد ٿي ويو: گڏيل اميدوار آڻڻ جو اعلان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي آزاد جمون ۽ ڪشمير جي صدر چوڌري محمد ياسين ۽ جمعيت علماءِ اسلام (ف) آزاد جمون ۽ ڪشمير جي امير مولانا سعيد يوسف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ ٻنهي جماعتن وچ ۾ باضابطا سياسي اتحاد جو اعلان ڪري ڇڏيو. چوڌري محمد ياسين چيو ته اڄ سياسي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ (ف) وچ ۾ باضابطا سياسي اتحاد جو اعلان ڪرڻ پيا وڃون، مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهن ۽ افهام ۽ تفهيم جي سياست تي يقين رکي ٿو، ٻنهي جماعتن جي اتحاد سان آزاد رياست ۾ ٻنهي پارٽين کي فائدو ٿيندو. پيپلز پارٽي ۽ ڪشمير هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن، پيپلز پارٽي جي قيادت هميشه هر فورم تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪيو آهي. پيپلز پارٽي جو قيام به ڪشمير جي معاملي سان ڳنڍيل آهي. چوڌري محمد ياسين چيو ته ايل اي 14 ۽ ايل اي 23 تڪن ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جا اميدوار ٻنهي جماعتن جا گڏيل اميدوار هوندا. ان موقعي تي مولانا سعيد يوسف چيو ته آزاد جمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ سياسي اتحاد ٿيو آهي. پيپلز پارٽي ٻن تڪن ۾ جي يو آءِ (ف) جي اميدوارن جي حمايت ڪندي، جڏهن ته ٻين سڀني تڪن ۾ جي يو آءِ (ف) پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي مڪمل حمايت ڪندي. 13 تڪن ۾ جي يو آءِ (ف) جي اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، انهن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته پارٽي جي پاليسي موجب پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڀرپور حمايت ڪن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻن تڪن ۾ پيپلز پارٽي جا اميدوار پڻ پارٽي جي فيصلي تحت پنهنجا ڪاغذ واپس وٺندا. مولانا سعيد يوسف چيو ته ٻنهي جماعتن جي اتحاد سان آزاد ڪشمير کي فائدو ٿيندو، رياست جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.