پيڪا ايڪٽ رد ڪري سنڌ کي 172 ورهين جي پاڻي چوري جو حساب ڏنو وڃي: مقرر
اپريل 27, 2025
نئون ڪوٽ (رپورٽر) تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان ايل بي او ڊي سم نالي اسٽاپ کان ڪوٽ مير جان محمد تائين عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر ڪرم ڪلوئي جي آخري آرام گاهه تائين موٽر سائيڪلن تي شاندار ريلي ڪڍي، ڊاڪٽر ڪرم ڪلوئي جي پهرين ورسي جي موقعي تي سندس مزار تي گل نڇاور ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي، ان بعد ڳوٺ بچل ڪلوئي ۾ جلسي عام ڪيو ويو جنهن کي خطاب ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عظمت ڪلوئي چيو ته سي سي آءِ ۾ پنجاب جي اڪثريت آهي، پيپلز پارٽي احتجاج ختم ڪرائي، ڪئنال منظور ڪرائڻ چاهي، وفاق توڙي صوبائي حڪمران سي سي آءِ جو ڊرامو ڪري سنڌي قوم جي جدوجھدکي ماٺو ڪرڻ چاهين ٿا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي چيو ته ڪرم ڪلوئي جھڙن سچن ۽ بھادر ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي سخت ضرورت آھي. اسين اڄ پنھنجي قومي سورمن کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندن جدوجھد کي ياد ڪري اڳتي وڌون ٿا، ممتاز کوسو کوسي چيو ته پيپلز پارٽي جي سي سي آءِ واري مڪر کي سنڌي قوم رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌي عوام جي جدوجهد جاري رهندي، ورسي تقريب کي اياز کوسو، امرجليل ڪلوئي، اشرف رند، ممتاز جوڻيجو، اسماعيل پتافي، سنڌو ڪلوئي، اوڀايو جوڻيجو، رحمان ريگستاني، امير بخش جروار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪرم ڪلوئي پنھنجي پوري حياتي پنھنجي قوم ۽ پورھيت طبقي جي حقن لاءِ جدوجھد ۾ گذاري سنڌ جي قومي وسيلن لاءِ جدوجھد ۾ ھن پنھنجي گھر سميت شاندار ڪردار ادا ڪيو. سندس جسماني وڇوڙو سنڌ جي قومي عوامي جمهوري جدوجھد ۾ وڏو خال پيدا ڪري ويو آھي. ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ھن وقت ھلندڙ جدوجھد ۾. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيستائين ارسا طرفان پاڻي جي موجودگي جا سرٽيفڪيٽ رد نٿا ڪيا وڃن، سنڌ کي 172 سالن جي پاڻي جو حساب نٿو ڏنو وڃي، پيڪا ايڪٽ رد نٿو ڪيو وڃي، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ 2023ع ۽ 26 آئيني ترميم رد نٿي ڪئي وڃي اوستائين جدوجھد جاري رھندي. وفاق توڙي صوبائي حڪمران سي سي آئي جو ڊامو ڪري سنڌي قوم جي جدوجھدکي ماٺو ڪرڻ چاهين ٿا. سي سي آءِ ۾ پنجاب جي اڪثريت آهي، پيپلز پارٽي سنڌي قوم جو احتجاج ختم ڪرائي پوءِ ڪئنال سي سي آئي مان منظور ڪرائڻ چاهي ٿي. . هنن چيو ته مسئلو فقط ڇهن نون ڪئنالن جو ناهي، مسئلو سنڌو درياهه جا وهڪرا بحال ڪرائڻ جو آهي، گذريل ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن جو آهي، مسئلو سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جو آهي، مسئلو سنڌ جي معدنيات جو آهي، معاملو سنڌ جي وجود جو آهي. شهباز شريف، پيپلز پارٽي جي سهڪار سان ايس آءِ ايف سي جوڙي ارڙهين آئيني ترميم جو قتل ڪري ملڪ مٿان ون يونٽ لڳايو آهي. بورڊ آف انويسٽمينٽ امينڊمينٽ ايڪٽ 2023ع جهڙو ڪارو قانون آڻي ايس آءِ ايف سي جو بنياد وڌو ويو، نام نهاد چونڊيل نمائندن هن ڪاري قانون ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ مٿان بدترين ون يونٽ مڙهيو آهي. وفاقي سرڪار سنڌي قوم جو مسئلن تان ڌيان هٽائي جدوجهد کي ڪچلڻ لاءِ مڪر ڪري رهي آهي. ڪئنالن جي مسئلي تي پيپلز پارٽي پهرئين ڏينهن کان مڪر ڪيو، ڪو به ڪئنال ڪو نه ٺهندو جا ڪوڙا بيان ڏئي سنڌي قوم جي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جي سازش ڪئي پر سنڌي قوم پيپلز پارٽي جي مڪر کي ناڪام بڻائي پر امن جمهوري جدوجهد جاري رکي آهي. سنڌي قوم وفاقي سرڪار جي به مڪر کان باخبر آهي، سنڌ جو عوام ڪنهن جي به ڪوڙن دلاسن ۾ نه ايندو ۽ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جاري رکندو.