| پي آءِ اي بچايو: پيپلز يونٽي پاران بلاول هائوس ٻاهران مظاهرو: عالمي فورمن تي وڃڻ جو اعلان |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) پيپلز يونٽي پاران قومي ايئر لائين پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف بلاول هائوس ٻاهران مظاهرو ڪيو ويو. جنهن کي پيپلز يونٽي سي بي اي جي صدر هدايت الله خان، علي لاشاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پي آءِ اي کي ڀڳڙن مٺ سرمائيدارن وٽ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهي پ پ چيئرمين ۽ پ پ قيادت اڳيان پنهنجو موقف رکڻ آيا آهن. هنن چيو ته پيپلزپارٽي پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف واضح ۽ مضبوط موقف اختيار ڪري. هنن چيو ته اهي پي آءِ اي جي نجڪاري خلاف اسلام آباد ۽ ڪراچي پريس ڪلبن اڳيان احتجاج ريڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جي عدالتن مان انصاف نه مليو ته عالمي عدالتن جا در کڙڪايا ويندا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته پي آءِ اي جي نجڪاري ڪنهن به صورت قبول ناهي. هنن چيو ته پي آءِ اي انتظاميا پاران ملازمن جي رهتن ۽ پينشن بابت اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي هنن چيو ته پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ پي آءِ اي جي نجڪاري غيرقانوني آهي. هنن چيو ته پيپلز يونٽي آءِ ٽي ايف جي ميمبر آهي، اسان نجڪاري خلاف عالمي ادارن کي به خط لکيا آهن. هن وقت بلاول هائوس کي دانهڻ آيا آهيون، هنن چيو ته پي آءِ اي صرف ڪمرشل ادارو نه پر هڪ ويلفيئر قومي ايئر لائين آهي، انهي کي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪرڻ ناانصافي آهي، هنن دعويٰ ڪئي ته صدر آصف علي زرداري سان فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن ۾ قومي ايئر لائين کي وڪرو نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.