پي آءِ اي تان يورپ ۾ پابندي ختم: برطانيا ۽ ٻيا ملڪ به جلد پابندي هٽائيندا: وفاقي وزير
نومبر 30, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي (اي ايس اي) پي آءِ اي جي يورپ لاءِ اڏامن تي لڳايل پابندي 4 سالن بعد ختم ڪري ڇڏي. خواجه آصف تصديق ڪندي چيو ته هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي، اها ڪاميابي هوابازي واري وزارت جي ڀرپور ڌيان سان ممڪن ٿي آهي. اها ڪاميابي انٽرنيشنل سول ايوي ايشن آرگنائيزيشن جي معيار موجب حفاظت جي نگراني کي يقيني بڻائڻ سان ممڪن ٿي آهي. دفاع ۽ هوابازي واري وزير چيو ته سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) پي آءِ اي تي پابندي ختم ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي. پي آءِ اي جي ٻين اڏامن جي ريٽنگ بهتر ٿي آهي، پابندي هٽائڻ سان پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي فائدو ٿيندو. خواجه آصف چيو ته پي آءِ اي ۽ ايوي ايشن انڊسٽري تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي هئي، پي آءِ اي جو آپريشن جلد بحال ٿي ويندو. اميد آهي ته برطانيا ۽ ٻين ملڪن مان به پابندي ختم ٿي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف يورپي ڪميشن ۽ يورپي ايوي ايشن سيفٽي ايجنسي طرفان پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم پاران وفاقي وزير خواجا آصف، هوابازي واري وزارت، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي عملدارن ۽ پي آءِ اي انتظاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پابندي هٽڻ سان پي آءِ اي جي ساک مضبوط ٿيندي ۽ ان کي مالي طور به فائدو ٿيندو، هي پاڪستان جي ڪامياب پاليسين جو مظهر آهي. واضح رهي ته يورپي يونين ايئر سيفٽي ايجنسي پي آءِ اي ۾ پائليٽس جي جعلي لائسنس جو معاملو سامهون اچڻ تي 30 جون 2020 ع تي پي آءِ اي جون يورپي ملڪن لاءِ اڏامون معطل ڪري ڇڏيون هيون، حڪومتي ڪوششن سان پابندي عارضي معطل ڪندي پي آءِ اي کي 3 جولاءِ 2020ع تائين اڏامن جي اجازت ڏني وئي هئي.