پي آءِ اي جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيندو: تياريون مڪمل: 3 ڪنسورشيم ٻوليءَ ۾ حصو وٺندا: فوجي فرٽيلائيزر دستبردار

پي آءِ اي جي قسمت جو فيصلو اڄ ٿيندو: تياريون مڪمل: 3 ڪنسورشيم ٻوليءَ ۾ حصو وٺندا: فوجي فرٽيلائيزر دستبردار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز جي نجڪاري جو عمل آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ اي) جي نجڪاري جو عمل پنهنجي اختتامي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، نيلامي لاءِ ٻولي اڄ لڳائي ويندي. نجڪاري ڪميشن موجب سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. پي آءِ اي جي خريداري لاءِ ٽي ڪنسورشيم ٻولي واري عمل ۾ حصو وٺنديون. ڪنسورشيم ون ۾ لڪي سيمنٽ، حب پاور، ڪوهاٽ سيمنٽ ۽ ميٽرو وينچرز شامل آهن. ڪنسورشيم ٽو ۾ عارف حبيب، فاطمه فرٽيلائزر، سٽي اسڪولز ۽ ليڪ سٽي هولڊنگز شامل آهن. ڪنسورشيم ٿري ۾ ايئر بليو پرائيويٽ لميٽيڊ شامل آهي. نجڪاري ڪميشن مطابق چوٿين ڪنسورشيم فوجي فرٽيلائزرز، نيلامي جي عمل مان دستبردار ٿي چڪي آهي. ڪميشن اختيارين ٻڌايو ته نيلاميءَ لاءِ ٻوليون جمع ڪرائڻ جو وقت صبح 10:45 کان 11:15 تائين مقرر ڪيو ويو آهي، پي آءِ اي جي نيلامي لاءِ ٻوليون منجهند جو 3:30 وڳي کوليون وينديون. حڪومتي فيصلي تحت هي مرحلو ٽي وي نيٽ ورڪن تي سڌي نشريات ذريعي ڏيکاريو ويندو. ٻوليون جمع ٿيڻ بعد انهن کي هڪ شفاف دٻي ۾ رکيو ويندو. جيڪڏهن ٻوليون ريفرنس قيمت کان وڌيڪ ٿيون ته کليل نيلامي ٿيندي، ۽ جيڪڏهن ريفرنس قيمت کان گهٽ ٿيون ته سڀ کان وڌيڪ ٻولي لڳائڻ واري کي ترجيح ڏني ويندي. ڪامياب ٻولي جي صورت ۾ وفاقي ڪابينا ڪجهه ڏينهن اندر نيلامي جي منظوري ڏيندي. منظوري کان پوءِ ٻولي ڏيندڙن کان وصول ٿيل دستاويزن تي صحيحن جو مرحلو مڪمل ڪيو ويندو. نجڪاري ڪميشن موجب 90 ڏينهن اندر ملڪيتن، واجبات، منتقلي ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن کي مڪمل ڪيو ويندو. طئي ڪيل طريقيڪار تحت ٻولي پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز جي بنياد تي لڳائي ويندي. اختيارين مطابق 75 سيڪڙو شيئرز جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ رقم جو 92.5 سيڪڙو پي آءِ اي کي ملندو، جڏهن ته صرف 7.5 سيڪڙو قومي خزاني ۾ جمع ٿيندو. شروعاتي طور حڪومت وٽ پي آءِ اي جا 25 سيڪڙو شيئرز رهندا. ڪامياب ٻولي ڏيندڙ کي اختيار هوندو ته هو ادائيگي کان پوءِ باقي 25 سيڪڙو شيئرز پڻ خريد ڪري سگهي.