| پي آءِ اي جي نجڪاري: لڪي سيمنٽ پاران حصو وٺڻ جو فيصلو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) قومي ايئر لائين پي آءِ اي کي خانگائڻ واري عمل لڪي سيمنٽ به حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب لڪي سيمنٽ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو اجلاس 18 ڊسمبر تي ٿيو، جنهن ۾ پي آءِ اي جي خريداري لاءِ ٻولي (واڪ) ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. بورڊ لڪي گروپ کي ڪنسورشيم جي صورت ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري واري عمل ۾ شرڪت جي اجازت ڏئي ڇڏي، ياد رهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ ٻولي 23 ڊسمبر تي ٿيندي، جنهن ۾ لڪي گروپ سميت 4 ڪنسورشيمز جي حصو وٺڻ جو امڪان آهي. حڪومت پي آءِ اي جا 51 کان 100 سيڪڙو شيئر وڪڻڻ جو ارادو رکي ٿي.