| پي آءِ اي جي نجڪاري مان حڪومت کي 10 ارب ملندا 45 ارب جا اثاثا به رکندي: ڪميشن |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نجڪاري ڪميشن جي صلاحڪار محمد علي ۽ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اميد آهي ته قومي ايئرلائن جا مالڪ ايندڙ سال اپريل کان اڏامون هلائيندا، هن چيو ته پي آءِ اي کي خانگائڻ سان حڪومت کي لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا روڪ ملندا، حڪومت 45 ارب رپيا ماليت جا 25 سيڪڙو شيئرز به رکندي، نجڪاري جو معاهدو ملڪيت جي منتقلي بدران ايئر لائن ۾ تازي سيڙپڪاري لاءِ ٺاهيو ويو هو، اسان اهڙي صورتحال جي حق ۾ نه هئاسين ته حڪومت اڏامون وڪڻي ڇڏي ۽ ڪمپني ڪِري پوي، نجڪاري بابت صلاحڪار قومي ايئر لائن کي خانگائڻ ۾ روزويلٽ هوٽل ۽ ٻي پراپرٽي جي وڪري جا الزام رد ڪري ڇڏيا، هن نجڪاري کي بهترين فيصلو قرار ڏيندي چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري پراپرٽي ۾ شامل ناهي، نجڪاري ۾ حڪومت تي سموريون لائبلٽيز لاڳو هجڻ وارا اعتراض به درست ناهن، حڪومت 182 ارب جون لائبلٽيز خريدار کي ٽرانسفر ڪيون. هن چيو ته معاهدي تحت حڪومت کي سڌي طرح 55 ارب رپيا ملندا، جڏهن ته ڪمپني جي اثاثن جي ماليت 45 ارب رپيا آهي۔ ان کان علاوه 125 ارب رپيا سڌي طرح پي آءِ اي جي ضرورتن ۽ بهتري لاءِ ڪمپني ۾ سيڙپڪاري جي صورت ۾ لڳايا ويندا۔ اهڙي طرح مجموعي طور پي آءِ اي جي ويليويشن 180 ارب رپيا ٿئي ٿي۔ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءٌ الله تارڙ چيو ته قومي ايئر لائن جي نجڪاري شفاف نموني ٿي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي نجڪاري واري عمل کي سڌي طرح ڏيکاريو ويو۔ ماضي ۾ ڪيترائي ڀيرا قومي ايئر لائن جي نجڪاري جون ڪوششون ٿيون، پر اهي ناڪام رهيون. هن چيو ته مان مفتاح اسماعيل جا شڪرگذار آهيان، جنهن ان کي هڪ بهترين بڊنگ قرار ڏنو۔ آخرڪار قومي ايئر لائن جي نجڪاري ٿي وئي۔ هن عمل ۾ وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو به اهم ڪردار رهيو آهي۔ اسان ننڍپڻ کان پي آءِ اي جي نجڪاري بابت ٻڌندا آيا آهيون، پي آءِ اي جي نجڪاري کان پوءِ سالياني خساري جو بار هاڻي قومي خزاني تي نه پوندو، هاڻي عوام جو ٽيڪس پي آءِ اي جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ استعمال نه ٿيندو، ايف بي آر جي سڌارن تي تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي. پي آءِ اي جي وڃايل عظمت جي بحالي جي سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي.