پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 12 ارب جون 11 ملڪيتون شامل: 7 پرڏيهه ۾ موجود: تفصيل ظاهر

پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 12 ارب جون 11 ملڪيتون شامل: 7 پرڏيهه ۾ موجود: تفصيل ظاهر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي ايئر لائن پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائن جي فروخت ڪيل ملڪيتن جا تفصيل سامهون اچي ويا. اختيارين مطابق پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ 11 پراپرٽيز شامل هيون، جن جي مجموعي ماليت 12 ارب رپيا آهي، جنهن مان 7 پراپرٽيز بيرون ملڪ واقع آهن. ٻاهرين ملڪ ۾ ڀارت جون ٻن پراپرٽيز شامل آهن، جن جي مجموعي قيمت 36 ڪروڙ رپيا کان وڌيڪ آهي، جن مان نئين دهلي واري پراپرٽي جي مقامي قيمت 12 ڪروڙ 19 لک رپيا ۽ ممبئي واري 11 ڪروڙ 25 لک رپيا آهي. آمريڪا جي نيويارڪ ۾ پي آءِ اي پراپرٽي جي مارڪيٽ ويليو 19 لک 35 هزار ڊالر آهي، ايمسٽرڊيم ۾ ٽي پراپرٽيز گڏيل طور 34 لک 35 هزار يورو ۾ آهن. پي آءِ اي جي 11 مان 4 پراپرٽيز ملڪ اندر واقع آهن، جن ۾ پشاور سيلز آفيس بلڊنگ جي قيمت 5 ارب 56 ڪروڙ رپيا، راولپنڊي مال روڊ واري پراپرٽي 2.54 ارب، اسلام آباد بليو ايريا سيلز آفيس 2.67 ارب ۽ ڪوئيٽا ۾ ملڪيت 91 ڪروڙ 57 لک رپيا جي برابر آهي. ازبڪستان ۾ پي آءِ اي جي پراپرٽي جي ماليت 4 ارب مقامي سوم جي برابر قرار ڏني وئي آهي. ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪ ۾ شامل پراپرٽيز جي وڪري سان حاصل ٿيندڙ رقم پي آءِ اي جي نجڪاري ٽرانزيڪشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.