| پي آءِ اي جي نجڪاري 23 ڊسمبر تي ٿيندي: ٻولي وارو عمل ٽي وي ذريعي لائيو ڏيکارڻ جو اعلان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي آءِ اي جي نجڪاري 23 ڊسمبر تي ٿيندي جڏهن ته ٻولي وارو عمل ٽي وي ذريعي سڌو ڏيکارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.. وزيراعظم شهباز شريف سان پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ حصو وٺندڙ سمورن ڪاروباري شخصيتن ۽ ڪمپنين جي نمائندن ملاقات ڪئي۔ ان موقعي تي سياحتي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وزير اعظم چيو ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ ميرٽ اولين ترجيح آهي. نجڪاريءَ لاءِ بڊنگ پوري ملڪ اندر ٽي وي تي سڌي ريت نشر ڪئي ويندي. هن چيو ته پي آءِ جو وڃايل تشخص بحال ڪرڻ، قومي ايئر لائن کي عصري تقاضن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ نجڪاري وارو عمل جاري آهي. جلد ئي پي آءِ اي هڪ ڀيرو ٻيهر گريٽ پيپل ٽو فلائي ود جي پنهنجي روايت تي پورو لهندو. شهباز شريف چيو ته عالمي روٽن جي بحالي سان اوورسيز پاڪستانين کي وڏي سهولت ملندي۔ سياحت جي ترقي لاءِ قومي ائيرلائن کي جديد معيارن مطابق آڻڻ انتهائي ضروري آهي۔ اميد آهي بڊنگ کان پوءِ جنهن به پارٽي وٽ ذميواري ويندي، اِها قومي ائيرلائن جي وقار ۽ ترقي لاءِ پوري محنت ڪندو. پي آءِ اي جي بڊنگ 23 ڊسمبر 2025 تي ٿيندي. جنهن کي سموري ميڊيا تي سڌي ريت نشر ڪيو ويندو. وزير اعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، احد چيمه، محمد اورنگزيب، عطا تارڙ، اعظم نذير تارڙ، اويس لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر، صلاحڪار محمد علي، معاون هارون اختر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.