پي آءِ اي جي 100 سيڪڙو نجڪاري جو فيصلو: جهازن جي ليز تي سيلز ٽيڪس ختم:ٻولي جي 92 سيڪڙو رقم سيڙپڪاري سان مشروط

پي آءِ اي جي 100 سيڪڙو نجڪاري جو فيصلو: جهازن جي ليز تي سيلز ٽيڪس ختم:ٻولي جي 92 سيڪڙو رقم سيڙپڪاري سان مشروط

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جي نجڪاري بابت وڏي اڳڀرائي، حڪومت پي آءِ اي جي 100 سيڪڙو نجڪاري جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ٻولي 23 ڊسمبر تي ٿيندي. ذريعن مطابق پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئر نيلام ڪيا ويندا، جڏهن ته 25 سيڪڙو شيئر خريد ڪرڻ جي سهولت به ڏني ويندي، 25 سيڪڙو حصص هڪ سال کان پوءِ 12 سيڪڙو پريميم تي خريد ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويندو. ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته ٻوليءَ جي 7.5 سيڪڙو رقم حڪومت کي ۽ 92.5سيڪڙو رقم سڌي سيڙپڪاري سان مشروط هوندي، هي فيصلو ٻولي ڏيندڙن جي گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو حصص وڪرو ڪرڻ جي مطالبي تي ڪيو ويو، ڪجهه ٻولي ڏيندڙن 100 سيڪڙو حصص خريد ڪرڻ جي شرط به رکي هئي، پهريائين نجڪاري واري ٻولي ناڪام ٿيڻ کان پوءِ هاڻ شرطن ۾ اهم نرمي آندي وئي آهي. ذريعن موجب 12 سيڪڙو پريميم هڪ سال بعد ادائيگي جي سهولت جي عيوض هوندي. جهازن جي ليز تي لاڳو 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي. نئين انتظاميه کي 26 ارب رپين جا ٽيڪس ۽ ايئرپورٽ واجبات ادا ڪرڻا پوندا. نجڪاري ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ آهي ته نجڪاري جو مقصد پي آءِ اي جي بحالي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي، موجوده مالي سال ۾ حڪومت پي آءِ اي لاءِ 34.7 ارب رپين جي بجيٽ رکي آهي.انهن قدمن سان پي آءِ اي جي ايڪوٽي منفي مان مثبت ٿي 30 ارب رپين تائين پهچي وئي آهي. عالمي روٽن جي بحالي ۽ قيمتي لينڊنگ سلاٽس سيڙپڪارن لاءِ پرڪشش موقعا آهن. پي آءِ اي وٽ مجموعي طور 34 جهاز آهن، جن مان 18 اڏام جي قابل آهن. لنڊن هيٿرون سميت 170 کان وڌيڪ قيمتي لينڊنگ سلاٽس پي آءِ اي جي ملڪيت آهن، ٻولي ڏيندڙن ۾ لڪي سيمنٽ، عارف حبيب، فوجي فرٽيلائزر ۽ ايئر بليو شامل آهن.