| پي آءِ اي خانگائڻ تي خدشا آھن، اسٽيل ملز نجڪاري جي صورت ۾ سنڌ کي ملندي: مراد شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناحؒ جي زندگي عوامي خدمت، انصاف، آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جا سونهري اصول سيکاري ٿي. ملڪي ترقي قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪرڻ سان ئي ممڪن آهي مزارِ قائد تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته بانيءِ پاڪستان جو ڏنل اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جو پيغام اڄ به اثرائتو ۽ قابلِ عمل آهي، هن چيو ته 2025ع جي ڪاميابين کانپوءِ ملڪ 2026ع ۾ نئين اميد ۽ عزم سان داخل ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کي نه صرف جنگ جي ميدان پر سفارتي ۽ سياسي محاذ تي به شڪست ڏني، وڏي وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي پ پ کي خدشا آھن، ايئر لائين جي ملازمن کي تحفظ ڏنو وڃي، اسٽيل مل سنڌ جي زمين تي اڏيل آھي، جيڪڏهن نجڪاري ٿيندي ته اھا اسٽيل مل سنڌ وٽ ئي ايندي، هوڏانهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعليٰ چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جون تعليمات امن، محبت، برداشت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن، جن جي اڄ جي دور ۾ سخت ضرورت آهي. هن چيو ته تعليمي سيڪٽر ۾ عيسائي برادري نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي سمورا بنيادي حق حاصل آهن، سنڌ جي سرزمين تي سڀني مذهبن جي پوئلڳن جي احترام ۽ تحفظ جي هڪ ڊگهي روايت موجود آهي.