| پي آءِ اي سان تڪرار: سوسائٽي آف ايئرڪرافٽ انجنيئر جا 2 عملدار برطرف |
ڪراچي(م ڊ) ايئر ڪرافٽ انجنيئرز ۽ پي آءِ اي انتظاميا وچ ۾ تڪرار جاري آهي، سوسائٽي آف ايئر ڪرافٽ انجنيئرز جي صدر ۽ سيڪريٽري جنرل کي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو آهي. عبدالله جدون ۽ اويس جدون جي برطرفي جا حڪم ڪالهه جاري ڪيا ويا. ٻنهي آفيسرن کي گذريل سال شروع ٿيل انڪوائريز ۾ 4 ۽ 5 نومبر تي ذاتي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو هو. عبدالله جدون ۽ اويس جدون ذاتي ٻڌڻي لاءِ سي اي او پي آءِ اي جي سامهون پيش نه ٿيا. ٻنهي آفيسرن خلاف پي آءِ اي جي لاڳاپيل قانونن تحت ڪارروائي ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 2024ع جي انڪوائري ۾ برطرفي جو فيصلو انجنيئرن جي تازي احتجاج جي تناظر ۾ ڪيو ويو. انجنيئرن ۽ پي آءِ اي انتظاميا وچ ۾ ڊيڊ لاڪ جاري آهي، جنهن ڪري ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي سيڪريٽري جنرل ايس اي پي اويس جدون چيو ته دستياب دستاويزن جي بنياد تي برطرفي جي فيصلن کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ويندو. برطرفي جو مکيه سبب قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، جنهن ۾ جهاز ۾ ٽيڪنيڪل خرابيون شامل آهن. انجنيئرن پاران جهاز کي ڪليئرنس ڏيڻ ۾ ناڪامي، نقصن سان گڏ، پڻ برطرفي جو هڪ سبب آهي.